ادب سماج جي جذبات، سوچ ۽ فڪري ترقيءَ جو عڪس آهي. جڏهن ادب ۽ فنون هڪ گڏيل پليٽ فارم تي اچن ٿا، ته اهي نه صرف نون خيالن کي هٿي ڏين ٿا، پر ثقافتي ورثي کي پڻ اجاگر ڪن ٿا. اياز ميلو، جنهن کي سنڌي ادب ۽ ثقافت جي هڪ وڏو جشن چئي سگھجي ٿو، منهنجي نظر ۾ ان جو شمار اهڙن ميلن ۾ ڪري سگھجي ٿو، جيڪي نه صرف علاقائي پر عالمي سطح تي ادبي ۽ ثقافتي ميلن جي افاديت ۽ اھميت جي اھڃاڻ طور سُڃاتا وڃن ٿا. سنڌ ۾ توڙي جو مختلف صوفي شاعرن جي نالي سان ميلا ڪافي عرصي کان ھلندڙ رھيا آھن ۽ اتي جيڪو ڪجھه عملي شڪل ۾ ٿئي ٿو تنهن جو سماجي ترقي، ادب ۽ ثقافت جي آبياري ۾ ڪيترو حصو شامل ٿئي ٿو تنهن کان گھڻي ڀاڱي سڀ واقف آھيون. اھڙي ماحول ۾شيخ اياز جھڙي ترقي پسند ۽ جدت جي قائل شاعر جي نالي سان ادبي ۽ ثقافتي ميلو سماج ۾ ترقي پسند ۽ روشن خيال سوچ جي نـ صرف عڪاسي ڪندي محسوس ٿئي ٿو بلڪـ سماج ۾ ھاڪاري سوچ لاءِ نوان خيال ۽ گس متعارف ڪرائڻ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندي نظر اچي ٿو. شيخ اياز سنڌي ادب جو هڪ اهم نالو آهي، جنهن شاعري ۽ نثر ذريعي سنڌي زبان کي نئون روح ڏنو. سندس شاعري انساني جذبات، سماجي ناانصافين ۽ سنڌي ثقافت جي مختلف رخن جي عڪاسي ڪري ٿي.
شيخ اياز جي نالي سان ھي ميلو هن عظيم شاعر کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيو وڃي ٿو، جتي سندس تخليقي ڪم کي اجاگر ڪيو وڃي ٿو ۽ نئين نسل کي سندس فڪري ورثي سان جوڙيو وڃي ٿو. گُذريل ڏھن سالن کان شيخ اياز ميلو سنڌ ۾ هر سال جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. هي ميلو نه صرف سنڌي ادب جي قدرن کي زنده رکڻ لاءِ اھم اڳڀرائي آهي، پر ان ميلي ذريعي سنڌ جي مختلف ثقافتي سرگرمين کي به هٿي ملي ٿي. اياز ميلي ۾ ٿيندڙ مختلف سرگرمين ۾ ادبي سيميناريا سيشنس ۾ سموري ملڪ مان ايندڙ دانشورن، اديبن، شاعرن ۽ سوشل سائنسدانن پاران شيخ اياز جي شاعري ۽ ان جي فڪري پهلوئن کان علاوه عالمي توڙي مقامي سطح تي سرجندڙ ادب تي بحث مباحثا، ڪتابن جي رونمائي دوران شيخ اياز جي ڪتابن سان گڏ ٻين مقامي اديبن جا ڪتاب پيش ڪرڻ، موسيقي جي پروگرامن ۾ شيخ اياز جي شاعري تي ٻڌل موسيقي تقريبون سميت مشاعري ذريعي نون توڙي پراڻن شاعرن کي پنهنجون تخليقون پيش ڪرڻ ذريعي کين اڳتي آڻڻ لاءِ پليٽ فارم مُهيا ڪرڻ سميت مختلف سيشن منعقد ڪيا وڃن ٿا.
ان ڳالهھ کان انڪار ڪري ئي نٿو سگھجي تـ ھي ميلو نئين نسل لاءِ حوصلا افزائي جو اھم ڪارڻ ھُئڻ سان گڏ نوجوان نسل کي پنهنجي زبان ۽ ادب سان جُڙڻ جو موقعو مهيا ڪري ٿو. سنڌي ثقافت جي فروغ ۾ ھي ميلو اھم حيثيت رکي ٿو، مقامي ثقافت ۽ روايتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ميلو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ھن ميلي ذريعي ھن وقت تائين ادبي ورثي جي واڌ ويجهه توڙي شيخ اياز جي فڪر کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ جو ڪافي موقعو مليو آھي. ھن ميلي ذريعي سماج ۾ ايندڙ ھاڪاري تبديلي کي اگر دنيا جي ٻين خطن ۾ منعقد ٿيندڙ ادبي ميلن سان گڏ بيھاري ڀيٽجي تـ ھي اياز ميلو سنڌ لاءِ ڪنهن غنيمت کان گھٽ ناھي. جيڪڏهن دنيا جي ادبي ميلن جي ئي ڳالهھ ڪجي تـ ھن وقت بـ دنيا ۾ اياز ميلي جهڙا ڪافي ميلا نه صرف علاقائي پر عالمي سطح تي ادبي ميلن ۾ شمار ڪري سگھجن ٿا، جتي ادب، ثقافت ۽ علم جا شيدائي گڏ ٿين ٿا جن ۾ ڀارت جي علائقي جئپور ۾ منعقد ٿيندڙ جئپور ليٽريچر فيسٽيول، جنهن کي دنيا جو سڀ کان وڏو ادبي ميلو تصور ڪيو وڃي ٿو جيڪو نه صرف ڀارتي پر عالمي ادب کي به اجاگر ڪري ٿو. هن ميلي ۾ مختلف ٻولين جا شاعر، ليکڪ ۽ دانشور شريڪ ٿين ٿا ۽ عالمي ادب تي پنهنجا خيال پيش ڪن ٿا. برطانيـ جي علائقي ويلز ۾ منعقد ٿيندڙ هيئي آن وائي فيسٽيول، هي ميلو پنهنجي ثقافتي ۽ علمي موضوعن لاءِ مشهور آهي. هي ميلو خاص طور تي ليکڪن، دانشورن ۽ پڙهندڙن لاءِ هڪ بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو. اسڪاٽلينڊ ۾ منعقد ٿيندڙ ايڊنبرگ انٽرنيشنل بڪ فيسٽول، دنيا جو هڪ اھم ميلو سمجھيو ويندو آهي، جتي نه صرف ڪتابن جي نمائش ٿئي ٿي پر مختلف ادبي سرگرميون پڻ منعقد ڪيون وڃن ٿيون. متحده عرب امارات ۾ ٿيندڙ شارجا انٽرنيشنل بڪ فيئر، شارجا جو انتھائي اھم ادبي ميلي طور ڳڻيو ويندو آھي جتي عرب ثقافت ۽ ادب کي عالمي پليٽ فارم تي پيش ڪري ٿو. هي ميلو ڪتابن سان محبت ڪندڙ ماڻهن لاءِ هڪ اهم تقريب پُڻ آهي.
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ منعقد ٿيندڙ ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۽ حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول کي بـ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ اهم قدم سمجھي سگھجي ٿو جن ۾ مختلف موضوعن تي ٿيندڙ بحث مباحثا علم ۽ ادب کي هٿي ڏين ٿا. جيڪڏهن اياز ميلي کي دنيا جي ٻين ادبي ميلن سان ڀيٽي انهن ۾ ھڪجھڙايون ڏسجن تـ جيئن جئپور يا شارجا ميلن ۾ مقامي ثقافت کي اجاگر ڪيو وڃي ٿو، اهڙي طرح شيخ اياز ميلو سنڌي ثقافت کي نـ صرف نمايان ڪري ٿو بلڪـ نون ثقافتي لاڙن کي ھٿي بـ ڏياري ٿو. هر ادبي ميلي وانگي اياز ميلو بـ خيالن جي ڏي وٺ لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو، جتي مختلف مڪتبـ فڪر سان لاڳاپيل ڌرين پاران مختلف نظرين تي بحث ٿئي ٿو. سڀني ادبي ۽ ثقافتي ميلن جو بنيادي مقصد پنهنجي ادبي ورثي کي محفوظ رکڻ ۽ ان کي دنيا تائين پهچائڻ آهي سو ٻين ادبي ميلن وانگر اياز ميلي ذريعي نـ صرف ادبي ورثي جي مالڪي ڪئي وڃي ٿي بلڪـ ان جي فروغ ۽ دنيا آڏو متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. جيئن تـ شيخ اياز سنڌي ادب ۾ لطيف سائين کان پوءِ اھم ترين ليکڪ طور سنڌ جي نمائندگي ڪندي نظر اچي ٿو، ان ڪري اياز ميلو عالمي سطح تي سنڌي ادب کي روشناس ڪرائڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن اياز ميلي کي عالمي ادبي ميلن سان ڳنڍيو وڃي، ته هي ميلو وڌيڪ مقبول ٿي سگهي ٿو ۽ سنڌي ادب کي اوچاين تائين پهچائي سگهي ٿو.
آئون سمجھان ٿي تـ ادبي ميلن جا جھڙي طرح ادب ۽ ثقافت تي اثر ٿين ٿا ساڳئي ريت سماج جي مختلف رخن تي بـ ان جا چڱا اثر ٿي سگھن ٿا. جيئن اهڙن ميلن ذريعي نئين نسل کي پڙهڻ ۽ لکڻ سان دلچسپي پيدا ٿئي ٿي. مختلف قومن ۽ ثقافتن جا ماڻهو گڏجي هڪٻئي سان پنهنجا تجربا شيئر ڪن ٿا ۽ منجھن ويجھڙائي پيدا ٿئي ٿي. ادبي ميلا سماج ۾ ھاڪاري تبديليون آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ان ڪري چئي سگھجي ٿو تـ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ اياز ميلو سنڌي ادب جي هڪ اهم جشن آهي، جيڪو عالمي ادبي ميلن سان گڏ پنهنجي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. اهڙا ميلا نه صرف ادب ۽ ثقافت کي هٿي ڏين ٿا، پر معاشري ۾ امن، محبت ۽ يڪجهتي جي پيغام کي به عام ڪن ٿا. دنيا جي ادبي ميلن ۾ ڳڻجندڙ هي ميلو سنڌي ادب کي عالمي نقشي تي روشناس ڪرائڻ لاءِ هڪ بهترين مثال بڻجي سگهي ٿو.