شهيد راڻي تون زنده آهين

تحرير: اشرف لاريب

پاڪستان جي تاريخ کي  کڻي ڏسجي  ته  ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جهڙي عزت ۽ شهرت هن مهل تائين ڪنهن سياست دان کي نصيب ناهي ٿي جيتري  ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو صاحبه کي نصيب ٿي اپوزيشن ۾ رهي ڪري به هنن ڪنهن جي عزت تي وار نه ڪيو ۽ نه ئي ڪڏهن ذاتي انتقام وٺڻ تي يقين رکندڙ هئا ذوالفقار علي ڀٽو کي  ڦاهي ڏئي شهيد ڪرڻ کان پوءِ  بينظير صاحبه اها واحد شخصيت هئي جنهن جي دل عوام ۾ ڌڙڪندي هئي اهو ئي سبب هو ته پاڪستان جي ٻچي ٻچي جي زبان تي ڀٽو ڀٽو  ۽ بينظير بينظير هوندي هئي بينظير صاحبه وٽ حقيقي معني ۾ عوامي مفاد جي پلاننگ هوندي هئي غريبن لاءِ اسڪيمون هونديون هيون پاڪستان ۾ غريب عوام لاءِ پيڪيج ۽ رليف پروگرام پڻ بينظير ڀٽو صاحبه متعارف ڪرايا وومن بئنڪ ،وومن پوليس اسٽيشن ،وومن ڊرائيور ۽ اهي شعبا جن ۾ صرف ۽ صرف مرد ڪم ڪندا هئا انهن ۾ عورتن جي ڪم ڪرڻ جو تصور به نه هو. پاڪستان ۾ هن عورتن لاءِ روزگار جا موقعا مردن ۽ عورتن لاءِ برابري جي بنياد تي قائم ڪري ڇڏيا ،جڏهن ته بينظير صاحبه کي ڪيترين ئي ڏکيائين ۽ تنقيدن کي منهن ڏيئڻو پيو پر هن ڪنهن جي به پرواهه نه ڪئي هن جي ذهن ۾ هر وقت پاڪستان جي غريب عوام هوندي هئي اهو ئي سبب هو ته هو پاڻ کي عوام جي وچ  ۾ ويهي خوشي محسوس ڪندي هئي ،بينظير صاحبه جن جي دور ۾ هُن ڪڏهن به ڪنهن سياسي شخصيت  کي نقصان پهچائڻ جو نه سوچيو بلڪه هو اپوزيشن ۾ رهي ڪري اهڙي اصلاحي تنقيد ڪندي هئي جنهن سان سياستدان سوچڻ تي مجبور ٿي  ويندا هئا. پر اهي پنهنجي پلاننگ تي نئين سري سان غور ڪرڻ تي مجبور ٿي عوامي خدمت ڪندا هئا.

اٺ سال جلاوطني کان پوءِ  هوءَ تجربي ڪار سياستدان  ٿي چڪي هئي هن وٽ پاڪستان جي حقيقي خوشحالي جو راز هو اهو ئي سبب هو جو هن جي آخري لياقت باغ واري  تقرير ۾ عوام دشمنن کي للڪاري رهي هئي. هن کي پنهنجي ڪاميابي جو پڪو يقين هو جنهن کي دشمن عناصر برداشت نه ڪري سگهيا  سندس تقرير ٻڌڻ کان پوءِ هن جا دوست نما دشمن جيڪي سندس جلسي ۾ هن جا نعرا هڻي رهيا هئا هن جي عزم ۽ حوصلو  ۽ پاڪستان جي خوشحالي متعلق  پلاننگ  جو ٻڌي  مٿس پويان وار ڪيو ۽ اسان جي شهزادي راڻي کي شهيد ڪري وڌو ،نتيجي ۾ سڄي پاڪستان جي عوام 27 ڊسمبر تي غم ۽ غصي مان هر شي ءِ کي باهه لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. مان سمجهان ٿي اهو عمل درست نه هو پر جڏهن اميدن جا ڏيئا هڪدم سان اجهامي وڃن ته پوءِ هر انسان جي ذهني ڪيفيت جنونيت واري ٿي پوندي آهي ۽ پوءِ ڪير به ان جنون کي ايترو آساني سان روڪي نه سگهندو آهي عوام جو رد عمل 27 ڊسمبر 2007  تي به اهو ساڳيو هو.هر دل اداس ٿي وئي اميد جو روشن ڪرڻو هڪدم اجهامي ويو .شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي ڇڏيل سياست وارو ڪردار پاڪستان جي موجوده سياسي اڳواڻن لاءِ هڪ رهنمائي آهي ،بينظير صاحبه جا لکيل ڪتاب ،تقريرون سياست ۾ قدم رکندڙ ساٿين لاءِ هڪ رهنمائي آهن شهيد بينظير پنهنجي عظيم ڪردار سان هميشه زنده رهندي .

بينظير ڀٽو سڀني عورتن لاءِ اتساهه بڻيل هئي خاص ڪري سنڌ جي نياڻين لاءِ همت ۽ بهادري جو عظيم مثال هئي ،شهيد راڻي جو قتل هڪ عورت جو نه پر سموري باصلاحيت عورتن جو قتل آهي هوءَ اڄ به سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ شخصيت آهي  .هن جو ڪردار ۽ صلاحيت دشمن توڙي سامراجي قوتن  آڏو هڪ چيلينج  بڻيل آهي.  هن جو ڪردار دشمنن جي دلين ۾ تير وانگر آهي   جيڪو هميشه دشمنن جي دلين تي چڀندو رهندو  ! اسان جي  شهيد راڻي توکي سرخ سلام .! اي منهنجي شهيد راڻي تون زنده آهين .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.