ممبئي(ويب ڊيسڪ) سلمان خان جي نئين ايندڙ فلم سڪندر جو اڄ جاري ٿيندڙ ٽريزر جاري نه ٿيو، تاريخ ملتوي ڪئي وئي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سلمان خان جي نئين ايندڙ فلم جو اڄ جاري ٿيڻ وارو ٽريزر اڳوڻي وزيراعظم من موهن سنگهه جي ديهانت جي ڪري جاري نه ڪيو ويو ۽ ان جي تاريخ ملتوي ڪئي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هاڻي سلمان خان جي فلم سڪندر جو ٽريزر سڀاڻي اٺاويهه ڊسمبر تي جاري ڪيو ويندو.