پاڪستان ۾ تعليمي سڌارن لاءِ سلمان خان جي دنيا جي ناليواري اڪيڊمي جو افتتاح

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دنيا جي ناليواري تعليمي درس گاهه خان اڪيڊمي جو پاڪستان ۾ افتتاح ڪيو ويو آهي.

مفت آن لائين سکيا جي حوالي سان ناليواري خان اڪيڊمي پاڪستان ۾ تعليمي نظام جي تبديلي لاءِ انقلابي قدم کڻندي، خان اڪيڊمي جي پاڪستان ۾ قيام جو اعلان ڪيو ويو.

اڪيڊمي جي قيام سان اي آءِ ٽيڪنالاجي سان فائدا کڻندي استادن ۽ لکين پاڪستاني شاگردن کي علمي معيار جي جديد تعليم ميسر ڪئي ويندي.

افتتاحي تقريب ۾ تعليمي ماهرن، پاليسي سازن ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن خان اڪيڊمي جي اي آءِ لرننگ ٽول ”خان ميگو“  جي نمائش ڪئي وئي، تقريب ۾خان اڪيڊمي پاڪستان جي سي اي او ذيشان حسن، عثمان راشد، امين هاشواڻي ۽ نعيم زميندار شرڪت ڪئي.

خان اڪيڊمي جي باني سلمان خان چيو ته اسان گڏجي پاڪستان جي نوجوانن کي ناقابل يقين صلاحيتون ڏينداسين ۽ سڀني کي روشن مستقبل جي ترغيب ڏني ويندي.

نعيم زميندار، امين هاشواڻي ۽ ٻين چيو ته ڪنهن به نئين ٽيڪنالاجي کي اپنائڻ ۾ وقت لڳندو آهي، هٿرادو ذهانت جي گهربل آگاهي لاءِ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي، هر انسان جي سکڻ جو عمل مختلف هوندو آهي، خان اميگو جوڪردار ٻارن جي تعليم لاءِ انتهائي اهم هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.