بينظير ڀٽو جي قاتلن کي زمين ڳيھي وئي ؟

تحرير: عاجز جمالي

سترھن ورھيه پٺ تي مڙي ڏسجي ٿو ته 27 ھين ڊسمبر 2007 جو لھندڙ سج ھڪ خوني خبر سان الھي وڃي ٿو ،اھا شام جيڪا پاڪستان جي سياسي تاريخ جي شام غريبان بڻجي وڃي ٿي ،ملڪ جي ھڪ مقبول ترين سياسي اڳواڻ کي دھشت گردي جو نشانو بڻائي شھيد ڪيو وڃي ٿو ، ھڪ طرف بم ڌماڪا ٿين ٿا ،ٻئي طرف فائرنگ ، ھڪ مڪمل رٿابندي سان ننڍي کنڊ جي سرگرم سياسي گھراڻي سان لاڳاپيل پاڪستان جي پھرين عورت وزير اعظم ۽ جلاوطني ختم ڪري واپس اچڻ وقت لکين ماڻھن جي جلوس ۾ 18 ھين آڪٽوبر تي ٻن بم ڌماڪن ۾  بچي  ويل بينظير ڀٽو کي عوام کان کسيو ويو ۽ اھڙي ريت سڄي پاڪستان ۾ ماتم شروع ٿي وڃي ٿو ڄڻ سڄو ملڪ مقتل گاھ بڻجي ويو ھجي.

27 ھين ڊسمبر جي ان سرد رات کي مان ڪڏھن به وساري نه ٿو سگھان جڏھن رات دير تائين منھنجي امڙ منھنجي گھر پھچڻ جي منتظر ھئي ۽ مان آفيس مان لاڙڪاڻي نڪرڻ لاءِ بيتاب ھئس ، آفيس جو حڪم ھئو ته ڪھڙي به ريت لاڙڪاڻي لاءِ نڪرڻو آھي پر جيئن جيئن رات گھري ٿيندي وئي حالتون خراب ٿينديون ويون ،ان ڪري لاڙڪاڻي روانگي ٿي نه سگھي پر ڏک ۽ اضطراب جي ڪيفيت ۾ رات جي پوئين پھر گھر پھتس ته امان کي ڏک جي ماحول ۾ جاڳندي ۽ اوسيئڙو ڪندي ڏٺم ،امان ان رات ماني نه کاڌي ھئي ،ڄڻ سندس گھر جو ڪو ويجھو فرد قتل ڪيو ويو ھجي ۽ ٽن ڏھاڙن تائين منھنجي امان بينظير ڀٽو جي سوڳ ۾ رھي ،ھوءَ سياسي شعور ۽ سياست کان بي خبر ھڪ عام ٻھراڙيءَ جي عورت ھئي ،  سندس ان ڏک مان عام ماڻھن جي بينظير ڀٽو سان بي لوث محبت جو اندازو ڪري سگھجي ٿو.

18 ھين آڪٽوبر کان 27 ھين ڊسمبر تائين مون ھڪ صحافي جي حيثيت ۾ بينظير ڀٽو کي انتھائي ويجھڙائپ مان ڏٺو ، مان بينظير ڀٽو جو ھي ٽيون دور ڏسي رھيو ھوس ،ڇو ته  مون کيس 1993 کان 1996 تائين سندس حڪومت کي به ويجھڙائپ مان ڏٺو ، جڏھن مان  مشھور سنڌي اخبار جو رپورٽر ھوس ، ان حڪومت جي آخر ۾ مون ھڪ بيوس وزير اعظم کي سندس ڀاء جي قتل تي آسمان ڏاريندڙ رڙيون ڪندي به ڏٺو جڏھن پيرين اگهاڙي ھوءَ، اسپتال پھتي ھئي ،ان بعد عام چونڊن ۾ شڪست کاڌل انھيءَ بينظير ڀٽو کي مون سينٽرل جيل ڪراچيءَ جا چڪر ڪاٽيندي به ڏٺو جڏھن ننڍڙن ٻچڙن کي ساڻ ڪري ھوءَ جيل ۾ پنھنجي ور سان ملاقاتون ڪرڻ ويندي ھئي پر ھوءَ پٺ تي نه ھٽي ،ظلم خلاف وڙھندي رھي ، اھڙو وقت به آيو جو جلا وطني اختيار ڪري دبئي ھلي وئي.

دبئي روانگي بعد ھوءَ نه صرف عالمي  برادري سان رابطن ۾ رھي بلڪه اي ميل ذريعي سڄي پارٽي سان رابطن ۾ رھي ، ساڻس  دبئي ۾ گڏ ڪم ڪندڙ ھڪ دوست ٻڌائي ٿو ته بي بي کي ضلعي سطح ۽ تعلقي سطح جي عهديدارن جي خبر ھوندي ھئي ۽ ھوءَ سندس اي ميلز جا جواب ڏيندي ھئي ، ھيٺين سطح جا ڪارڪن کيس اي ميل ذريعي پنھنجي علائقن جي پارٽي اڳواڻن جون شڪايتون ڪندا ھئا ۽ پنھنجن مسئلن کان آگاھ ڪندا ھئا ،ان ڏس ۾ بينظير ڀٽو لاڳاپيل عھديدارن کي ھدايتون ڏيندي ھئي ، مون کي ياد آھي ته 2002 جي عام چونڊن جي ٽڪيٽن جو فيصلو بينظير ڀٽو خود دبئي ۾ ويھي ڪيو ھئو ۽ عورتن جي خاص سيٽن جو فيصلو پارٽي جي عورت ڪارڪنن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ،مون کي تن ڏھاڙن جو ھڪ واقعو ياد اچي پيو ته پارٽي جي لياري ۾ ھڪ سرگرم خاتون ڪارڪن نسرين چانڊيو مون وٽ ھڪ ڏينھن اخبار جي آفيس ۾ آئي ، چوڻ لڳي ته بي بي کيس سنڌ اسمبلي جي ميمبر جي ٽڪيٽ ڏني ،اليڪشن ڪميشن ۾ به فارم جمع ٿي ويا آھن پر ناھيد خان چوي پئي ته پارٽي فنڊ ۾ ويھه ھزار روپيا جمع ڪراءِ، مون وٽ ويھ ھزار روپيا ناھن ڇا ڪريان ؟ مون کيس صلاح ڏني ته بينظير ڀٽو کي اي ميل ڪريو، بعد ۾ ھن اي ميل ڪئي ، جنھن جي جواب ۾ بينظير ڀٽو ناھيد خان کي ڇنڊ پٽيندي چيو ھو ته غريب ڪارڪنن کان فنڊ نه ورتو وڃي.

سو بينظير ڀٽو جلا وطني ختم ڪري جڏھن جڏھن واپس وطن پھتي ھئي ته مان سندس ٽيون دور ڏسي رھيو ھوس ، ھن ڀيري ھوءَ  ھڪ مختلف بينظير لڳي رھي ھئي ،ھيءَ گذريل ٻن دورن کان الڳ بينظير ھئي ، ھن ڀيري مون سندس ٻه سياسي جلسا ڪور ڪيا ھئا ، سندس ٻن پريس ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيو ھوس ،مير پور خاص ۽ نواب شاھ جي جلسن جي ڪوريج لاءِ مون کي ڪراچي مان آفيس پاران موڪليو ويو ھئو پر ان سڄي عرصي دوران نومبر 2007 ۾ اسان جي ٽي وي چينل جي آفيس ۾ بينظير ڀٽو سان ٿيل آف دي رڪارڊ ڪچھري ۾ جيڪي ڳالھيون ٿيون اھي، ھاڻي تاريخ جو حصو ٿي ويون آھن. ھوءَ ڏيڍ ڪلاڪ تائين اسان جي آفيس ۾ رھي ، بيورو چيف رشيد چني جي آفيس ۾ اھا شاندار ڪچھري ٿي ، ھوءَ  جنرل پرويز مشرف پاران لڳايل ايمرجنسي ۾ ميڊيا تي لڳل پابندين بعد ڪارڪنن سان ايڪتا خاطر آئي ھئي ، زينب مارڪيٽ وٽ ھن آفيس جي ھيٺ به بينظير ڀٽو کي ڏسڻ لاءِ سوين ماڻھو گڏ ٿي چڪا ھئا ، ان سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو ھئو جنھن رش ۾ خود ٽي وي چينل جو مالڪ سلمان اقبال پڻ ڦاسي چڪو ھئو ، ھوڏانھن بينظير ڀٽو انھي جو انتظار ڪري رھي ھئي ، ڄاڻايل ڪچھريءَ دوران بينظير ڀٽو ھڪ ڪمال جو جملو چيو ، ھوءَ چئي رھي ھئي ته کيس لڳي پيو ته سيڪيورٽي جي صورتحال سندس لاءِ بھتر ناھي ،منھنجي زندگي کي ھر وقت خطرو آھي ۽ مون کي بار بار اھو پيغام ڏنو پيو وڃي ته چونڊ مھم کي ڇڏي  ملڪ ڇڏي ٻاھر ھلي وڃان ،ان دوران مون کائنس سوال ڪيو ته محترما جيڪڏھن اوھان کي خبر به آھي ته اوھان جي حياتي کي خطرو آھي ته پوء اوھان کي پرڏيهھ ڇو نه وڃڻ گھرجي. بينظير ڀٽو مون ڏانھن ڏٺو ۽ چوڻ لڳي ،، ڇا حضرت امام حسين کي خبر نه ھئي ته کيس ڪربلا ۾ شھيد ڪيو ويندو،،  مان چاھيان ٿي ته عوام جي وچ ۾ رھان ، ماڻھو جو موت ته گاڏي جي ايڪسيڊنٽ ۾ به ٿي ويندو آ.

بينظير ڀٽو جي اھا ڳالهھ ياد ڪندي مان وثوق سان چوان ٿو ته بينظير ڀٽو کي اندازو ھئو ته کيس شھيد ڪيو ويندو ان ڪري ھن عوام جي انبوھ ۾ مرڻ پئي چاھيو. نيٺ ٿيو به اھو ئي جو عوامي جلسي کي خطاب ڪرڻ بعد راولپنڊي جي لياقت باغ مان واپسي تي کيس عين ان وقت شھيد ڪيو ويو جڏھن استقبال لاءِ بيٺل ڪارڪنن کي ڏسي سندس نعرن جا جواب ڏيڻ لاءِ گاڏي مان ٻاھر نڪتي ته مٿس دھشت گردن  حملو ڪيو. بينظير ڀٽو جي شھادت سان عوامي سياست جو ھڪ باب بند ڪيو ويو ،اھا عوامي سياست جنھن کي ذوالفقار علي ڀٽو بند ڪمرن مان ڪڍي روڊن رستن تائين آندو ھئو ،بينظير پنھنجي پيءُ جي ڦاھي کان وٺي عوامي سياست جو سفر شروع ڪيو ۽ مرڻ گھڙي تائين روڊن رستن تي عوامي سياست جو سفر جاري رکيو ،ھوءَ سياست کي عوام جي طاقت جو مظھر سمجھندي رھي تڏھن ئي کيس عوام کان پري رھڻ منظور نه ھئو ،پر پاڪستان اھو بد نصيب ملڪ آھي جتي عوامي سياست ڪندڙن کي ڪڏھن به جيئرو نه ڇڏيو ويو ، ھي زھر جو ڪڙو ڍڪ ئي سھي پر ھن رياست عوام جي مقبول اڳواڻن جي حفاظت ڪرڻ بدران انھن لاءِ موت جو سامان گڏ ڪيو .

ھي ملڪ پنھنجي ٺھڻ کان وٺي اڄ تائين سازشن جو شڪار رھيو ، سازشن سبب ئي ملڪ ٻه ٽڪرا ٿيو ، باقي بچيل پاڪستان کي ھڪ سنڌي ڳالھائيندڙ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو دنيا ۾ ڪنڌ کڻڻ جي لائق ڪيو ته سازشين کيس ڦاھي جي تختي تائين پھچايو ،جنھن جي نتيجي ۾ يارھن سالن تائين جنرل ضياء جي آمريت ملڪ کي ڪمزور ڪيو ،ھن 1980 جي ڏھاڪي ۾ جيڪي ڀيانڪ فيصلا ڪيا اھي، اڄ تائين پاڪستان جي قسمت جو پيڇو ڪري رھيا آھن ۽ ملڪ اڄ تائين آمريتن جا زخم چٽي رھيو آھي ، ملڪي سياست، معيشيت ،۽ گورننس جي باقي رھيل ڪسر به جنرل پرويز مشرف جي نو سالن جي آمريت پوري ڪري ڇڏي ،ان ئي دور ۾ شھيد بينظير ڀٽو کي شھيد ڪيو ويو ۽ مٿس حملا ٿيا ، اھو قتل جنھن ۾ اڄ تائين ڪنھن کي سزا نه ٿي ،جنرل مشرف بينظير ڀٽو جي قتل سميت تاريخ ۾ ڪيئي گناھن کان بچي نه ٿو سگھي ۽ تاريخ کيس آجو ڪري به نه ٿي سگھي ،ڇو ته تاريخ جي ڪٻاڙ خاني ۾ اھڙا ڪردار ھميشه لڙڪيل رھندا، بينظير ڀٽو جي شھادت کان وٺي اڄ تائين بينظير جي پارٽي اقتدار جي ڪاريڊورز ۾ گھمي رھي آھي ،پر اھا بينظير کي انصاف نه ڏياري سگھي ،بينظير جي سياست جو وارث ٻيو ڀيرو ملڪ جو صدر بڻيو ،سندس پٽ پارٽيءَ جي ڪمان سنڀالي چڪي آھي ، بينظير جا جان نثار اڄ اھو نعرو ڀلائي چڪا آھن ته  بي بي ھم شرمنده ھين تيري قاتل زنده ھين. ڇو ته بي بي جي پارٽي مفاهمت جي نالي تي انھن سمورين قوتن سان مفاھمت جي نالي تي سوديبازي ڪري ورتي آھي جن جا ھٿ بينظير سميت ھزارين ماڻھن جي رت ۾ رڱيل آھن. ڇا بينظير جي قاتل کي زمين ڳيھي وئي آھي جو بينظير جي خون سان انصاف نه ٿي سگھي.؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.