شهيد بي نظير ڀٽو تاريخ ۾ هميشه زنده رهندي

ڪجهه شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جن تي جيترو به گهڻو لکجي ته اهو ٿورو ۽ اڻ پورو ئي محسوس ٿيندو آهي، ٻيو ته هر ڪو دلي طور ان تي بنا چوڻ جي لکڻ چاهيندو آهي، شهيد راڻي بي نظير ڀٽو به اهڙين شخصيتن مان هڪ آهي. سندس سالگرهه جو ڏينهن هجي يا شهادت جو، هر سال وڏي انگ ۾ ماڻهو کيس لکت ۾خراج پيش ڪندا آهن توڙي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو وڃي ڪري سندس مزار تي حاضري ڀرڻ ويندا آهن. اها حقيقت ۾ لازوال ۽ اڻ گهريل ڀيٽا آهي.

ان جومطلب اهو ٿيو ته عوام پنهنجن محسنن جو حق ادا ڪرڻ ڄاڻي ٿو. ان حق جي ادائيگي لاءِ ڪنهن کي ڪجهه چوڻ ۽ دعوت ڏيڻ جي ضرورت ئي ناهي. مثال طور شهيد بي نظير ڀٽو جي سالگرهه هجي يا شهادت جو ڏينهن ان موقعي تي اوهان کي ڪنهن  کي لکڻ لاءِ چوڻ جي ضرورت ئي ناهي ۽ نه ئي سندس درگاهه تي حاضري ڀرڻ جي مهم هلائڻ يا اپيل ڪرڻ جي ڪا ضرورت آهي. ان حوالي سان تنوير عباسي صاحب جو هي شعر ذهن تي تري اچي ٿو ته : ”مون پوکيا گل گلاب جا، پوپٽ پاڻ هلي آيا آهن.“  يا ڀٽائي صاحب جو هي سدا بهار شعر آهي ته ”محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو.“

سوعوام ته پنهنجن محسنن جو قدر ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ لازوال محبت جا ريڪارڊ قائم ڪندو رهيو آهي پر پنهنجي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جي اها عجيب ۽ ڳڻتي جوڳي پاليسي آهي ته اها پنهنجن محسنن ۽ هيروز جو قدر ناهي ڪندي ۽ بي قدري جا افسوس جوڳا مثال قائم ڪيا آهن. جيڪي فرد هن ملڪ جي  فخريه سڃاڻپ رهيا جن ذريعي ملڪ کي سڃاتو ويو هجي تن کي نظرانداز ڪري حقيقت ۾ ملڪ سان زيادتي ڪئي وئي آهي ۽ جن ماڻهن جي ڪردار سان ملڪ ڏيهان ڏيهه بدنام ٿي رهيو آهي تن کي وري هتي عزت بخشي وئي آهي.

بي نظير ڀٽو پڻ ملڪ جي عالمي سطح تي عزت ۽ فخر جو باعث هئي. هن سڄي ڄمار ملڪ اندر جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ آمريتي نظام جيڪو ملڪ جي بدنامي جو ڪارڻ رهيو تنهن سان مهاڏو اٽڪائيندي رهي. اها بي نظير ڀٽو ئي هئي جنهن هن ملڪ کي اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجڻ جو اعزاز ڏياريو، جيڪا ملڪ جي پهرين عوامي ۽ مقبول وزيراعظم جو تسلسل هئي تنهن کي قتل ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي کي جيڪڏهن ملڪ جي تاريخ جي ڪامياب ۽ مقبول ترين وزيراعظم چئجي ته غلط نه ٿيندو جنهن ملڪ  کي ايٽمي طاقت بڻايو تنهن کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو جيڪو عدالتي قتل هو جنهن جو اعتراف سپريم ڪورٽ به باضابطه طور ڪيو آهي ۽ ان عدالتي قتل تي چاليهن سالن کانپوءِ هن سال 2024 تي معافي گهري آهي پر ان جو ازالو ان معذرت سان ممڪن ناهي. جستائين ملڪ اندر آئين، قانون ۽ انصاف جي بالادستي نه ٿيندي تيستائين نه ملڪ سان انصاف ٿيندو نه ئي ملڪ جي خيرخواهن ۽ هيروز سان انصاف ٿيندو.

سو هتي ملڪي هيروز جو قدر ته نه ڪيو ويو پر کين يا ته رستي تان هٽايو ويو يا سڄي زندگي تنگ ۽ نظرانداز ڪيو ويو. جن کي قتل ڪيو ويو تن جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزائون ڏيڻ بدران ويتر آزاد ڪيو ويو. بي نظير ڀٽو کي ئي ڏسجي سندس قتل کي سترهن سال ٿي ويا آهن. جڏهن ته بي نظير ڀٽو صاحبه لياقت باغ واري جلسي ڪرڻ کان اڳ پاڻ ئي نشاندهي ڪري چڪي هئي ته اڄوڪي جلسي ۾ جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته ان جا ٽي مک جوابدار هوندا جن ۾ تڏهوڪي صدر  جنرل پرويز مشرف جو نالو سرفهرست هو. بي نظير ڀٽو صاحبه ته واقعي به ان ڏينهن ئي  لياقت باغ راولپنڊي ۾ جلسو پورو ڪرڻ کانپوءِ واپس وڃي رهي هئي ته مٿس قاتلاڻو حملو ڪيو ويو. ڪجهه جوابدار گرفتار به ٿيا پر ڏهن سالن تائين ڪيس هلڻ بعد انهن کي به حيرت انگيز طور تي بري ڪيو ويو جڏهن ته مک جوابدارن کي هٿ به نه لاتو ويو اڃان به پ پ جي جي حڪومت جيڪا بي نظير صاحبه جي شهادت عيوض ان کي ملي هئي تنهن مک جوابدار پرويز مشرف کي  پاڻ گارڊ آف آنر ڏئي ملڪ مان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني، ائين بي نظير جي نشاندهي ڪيل مک جوابدرن کي به گرفتار ڪري سزا ڏيڻ جي بدران جلاوطن ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو جنهن  دوران هو وفات ڪري ويو هو.

سو هن ملڪ جو اهو به الميو آهي ته هتي عام ماڻهن جي قتلن سان ته انصاف ناهي ٿي سگهندو پر هاءِ پروفائيل قتلن جي  قاتلن کي به بخشڻ جي شرم جوڳي روايت قائم آهي. پر اها به حقيقت آهي ته تاريخ اهڙن سچن ڪردارن کي پنهنجي تاريخ ۾ سرخرو رکندي آهي جنهن ۾ شهيد بي نظير ڀٽو به شامل آهي جيڪا جسماني طور تي ڀلي زنده نه هجي پر اها اڄ به عوام جي دلين تي راڄ ڪري رهي آهي جيڪا تاريخي سوڀ آهي ۽ دشمنن تي وار آهي. ايئن تاريخ ۾ بي نظير ڀٽو ۽ عوام جي دلين ۾ هميشه زنده رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.