اوٻاوڙي ۾ ڏوهاري پيٽرول پمپ تان 3 پورهيت اغوا ڪري ويا، ڌرڻو

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد اڻڄاتل هٿياربند ڳوٺ لانگهو ۾ مرحوم ڄام ڀنڀو خان ڏهر جي پيٽرول پمپ تي چڙهائي ڪري ٽن پورهيتن محمد شعبان پنھور، مبين چاچڙ ۽ ارباب علي ملڪ کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا. اغوا ٿيل پورهيتن جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سوين علائقي واسين احتجاج ڪندي شهر جي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس بدامني ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. مغوين جي وارثن پير بخش پنهور، محمد شعبان ملڪ، جاويد ملڪ ۽  ٻين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کان مغوين جي فوري بازيابي ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.