ڪراچي (پريس رليز) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جون مرڪزي چونڊون 25 ڊسمبر 2024ع تي پبلڪ اسڪول گڏاپ ڪراچي ۾ ٿي گذريون، جنھن ۾ 2025 کان 2027 لاءِ اميدوارن کي چونڊيو ويو.
ڪامياب اميدوارن ۾ چيئرمين رفيق احمد جعفري، وائيس چيئرمين خالد حسين چنا، سيڪريٽري جنرل علي حسين بروهي، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل بيوس بخش علي چانڊيو، سيڪريٽري فنانس ۽ پلاننگ نور محمد سيال، سيڪريٽري انفارميشن احمد حسن پنھور، سيڪريٽري هيلٿ ڊاڪٽر محمد علي راهپوٽو، سيڪريٽري ثقافت شھاب الدين شاهاڻي، سيڪريٽري تعليم منظور حسين اڄڻ، سيڪريٽري وومين ڊولپمينٽ حميده خاصخيلي، جڏهن ته سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر مشتاق حسين ڦل، پيرل خان کوسو، گلزار احمد ڪلھوڙو،، عبداللطيف ڪرٽيو، سيد علي رضا شاھه، فقير محمد زمان دايو، حاڪم علي اوٺو، نياز حسين جاگيراڻي، محمد اعظم ميمڻ، آغا محمد بلاول پٺاڻ، فيروز احمد وساڻ، غلام علي ٽانوري عرف مور سنڌي، سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي عورت ميمبرز ۾ ميڊم صفيه عباسي، ميڊم صنم ناز جوڻيجو، ميڊم ڊاڪٽر ثمينه انور سيال ڪامياب اميدوارن ۾ شامل آهن.
اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين اشارت علي ميمڻ نئين چونڊيل چيئرپرسن رفيق احمد جعفري کي حلف کڻايو، جنهن کان پوءِ چيئرپرسن ٻين چونڊيل عھديدارن کي حلف ورتو.
ميزبان برانچ سگا گڏاپ جي صدر راشد حسين بلوچ سڀني آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪندي ڀليڪار ڪيو، جڏهن علي حسين بروھي تقرير ڪندي چيو ته سگا هڪ محبتن جو قافلو آهي ۽ اوهان سڀني ساٿي هتي پهچي ان محبتن جي سفر کي عملي شڪل ڏني آهي.
اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن ڀنڀرو چيو ته اسان پنهنجو بھترين وقت گذاريو ۽ سگا سنڌ جي ماڻهن جي امانت آهي، جيڪا ھاڻي اوھان جي حوالي آھي.
نئين چونڊيل چيئرپرسن رفيق احمد جعفري ڳالھائيندي چيو اسان ڪوشش ڪنداسين ته سگا جي پليٽ فارم تان سنڌي ماڻھن جي ڀرپور خدمت ڪيون ۽ سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿاريون.
You might also like