واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نامزد خصوصي ايلچي رچرڊ گرينيل پي ٽي آءِ سربراھه عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو .
آمريڪي خابرو اداري نيوز ميڪس کي ڏنل انٽرويو ۾ ھن چيو ته ٽرمپ انتظاميا جا ان وقت جي پاڪستاني حڪومت سان بھتر لاڳاپا ھئا، عمران خان مٿان بھ ساڳئي نوعيت جا الزام آھن جيڪي ڊونلڊ ٽرمپ مٿان ھئا ان کي آزاد ڪيو وڃي.
ھن وڌيڪ چيو ته نامزد پرڏيھي وزير پاڪستان سان ميزائل پروگرام تي ڳالھين لاءِ تياري ڪئي آھي.
رچرڊ گرينيل جو چوڻ ھيو ته ايٽمي صلاحيت وارن ملڪن سان مختلف طريقي سان ڊيل ڪيو ويندو آھي.
جو بائيڊن انتظاميا جيڪو ڪم چار سالن ۾ نه ڪيو، سو 45 ڏينھن ۾ ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪري. پاڪستان جي جيل ۾ قيد اڳواڻ ٽرمپ وانگر سياست ۾ آئوٽ سائيڊر ھيو ۽ ڪامن سينس جي ڳالھ ڪندو ھيو.
You might also like