راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان تسليم ڪيو آهي ته موجودا حڪومت ڏيوالي تي پهتل معيشت کي سنڀالي ورتو آهي.
اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ پيشي دوران عمران خان صحافين جي سوالن جا جواب ڏنا.
صحافين عمران خان کان پڇيو ته ڇا اوهان تسليم ڪري رهيا آهيو ته حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪيو آهي؟
ان تي عمران خان چيو ته حڪومت ڊفالٽ ڪناري تي پهتل معيشت کي سنڀالي ورتو آهي پر ترقي نه ٿي سگهي آهي.
ٻئي پاسي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ڪميٽي جا ميمبر عمران خان سان ملاقات لاءِ اڊيالا جيل پهچي ويا آهن.
ملاقات لاءِ پهچندڙن ۾ علي امين گنڊاپور، اسد قيصر، عمر ايوب، صاحبزادا حامد رضا، ۽ راجا ناصر عباس شامل آهن.
You might also like