ٽرمپ انتظاميا طرفان عمران خان جي آزاديءَ جو مطالبو، پاڪستان جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نامزد ايلچي رچرڊ گرينيل جي عمران خان بابت بيانن تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته هو ڪنهن هڪ شخص جي بيانن تي راءِ نٿا ڏئي سگهن.
خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ بريفنگ دوران ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان آمريڪا سان گڏيل عزت ۽ مفادن جي بنياد تي هاڪاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي ۽ اميد ڪري ٿو ته آمريڪا به ان ڳالهه جو خيال ڪندو.
رچرڊ گرينيل جي بيان بابت پڇيل سوال تي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ”هوءَ ڪنهن هڪ شخص جي بيانن تي راءِ ڏيڻ کان قاصر آهي ۽ آمريڪي اختيارين سان ڳالهيون جاري رکنداسين. “
واضح رهي ته رچرڊ گرينيل طرفان نيوز ميڪس کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ويو هو ته مان چاهيان ٿو ته عمران خان کي جيل مان آزاد ڪيو وڃي، ان تي ساڳيا الزام آهن جيڪي ڊونلڊ ٽرمپ تي لڳايا ويا هئا. پاڪستان ۾ حڪمران سياسي پارٽي ان تي ڪرپشن جا ڪوڙا الزام لڳائي ان کي جيل ۾ بند ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.