پوليس جو ذاتي مفادن لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي ڪنگري ڀرسان پنج ماڻهن جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪندي واقعي جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو. هن چيو ته پ پ حڪومت سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار، لاقانونيت ۽ ڌاڙيلن جو راڄ قائم ڪرڻ چاهي ٿي. هن نشاندهي ڪئي ته سنڌ ۾ هزارين اسڪول بند آهن، تعليم ناهي، ۽ ڪرپشن عام آهي. حڪمران وڏيرن ۽ وزيرن ذريعي ڏوهارين کي خطرناڪ هٿيار فراهم ڪيا پيا وڃن. پوليس ۽ انتظاميه کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. پليجي مطالبو ڪيو ته ڪنگري واقعي جي جوابدارن کي گرفتار ڪري متاثرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ۽ قانون جي حڪمراني بحال ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.