ثانيا مرزا جي محمد شامي سان دبئي ۾ شادي؟ تصويرون وائرل

ممبئي (ويب ڊييسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ۽ ڪرڪيٽر محمد شامي جي شادي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.
سوشل ميڊيا وائرل تصويرن نه رڳو مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو پر افواهن جي نئين لهر کي جنم ڏنو آهي.
ثانيا مرزا جي طلاق ۽ محمد شامي سان شادي
ثانيا مرزا ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ جي 13 سالن تائين قائم رهندڙ شادي 2023ع ۾ ختم ٿي، شعيب ملڪ هلندڙ سال اداڪارا ثناءَ جاويد سان شادي جون تصويرون شيئر ڪيون، جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ثانيا مرزا ۽ محمد شامي جي شادي جا افواهه گردش ڪرڻ لڳا.
ڪجهه صارفين دعويٰ ڪئي ته ٻئي گڏ دبئي ۾ وقت گذاري رهيا آهن ۽ شادي ڪري چڪا آهن.
وائرل تصويرن ۾ ڇا آهي؟
تصويرن ۾ ثانيا مرزا کي هلڪي گلابي عروسي لباس ۾ ۽ محمد شامي کي اڇي شيرواني ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
ان سان گڏ ڪرسمس جي جشن جون تصويرون به شيئر ڪيون ويون، جن ۾ ٻئي ڪرسمس ٽوپي پهريل نظر اچي رهيا آهن.
وائرل تصويرون سچ يا ڪوڙ ؟
جڏهن انهن تصويرن تي وڌيڪ تحقيق ڪئي وئي ته اصل حقيقت سامهون آئي ته اهي تصويرون هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ ) جي مدد سان تيار ڪيون ويون هيون.
يعني انهن جو حقيقت سان ڪو واسطو نه هو، اي آءِ ٽيڪنالاجي سان اهڙيون تصويرون ٺاهڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، پر اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته سوشل ميڊيا تي افواهون ڪيئن تيزيءَ سان پکڙجن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.