ٽيڪس نه ڏيندڙن جو گهيرو تنگ، ايف بي آر وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال اعلان ڪيو آهي ته ٽيڪس ريٽرن جمع نه ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، وزير مملڪت علي پرويز ملڪ ۽ ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي.
پريس ڪانفرنس دوران ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال چيو ته اسان هڪ لک 90 هزار ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا، جن مان 38 هزار ماڻهن 37 ڪروڙ 70 لک ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرايا، جن ريٽرن جمع نه ڪرايا ۽ ٽيڪس ادا نه ڪيو، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
ايف بي آر چيئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو ٽيڪس گيپ 7100 ارب رپيا ۽ انڪم ٽيڪس گيپ 2400 ارب رپيا آهي، انوييسٽنگ جو عمل ڊجيٽائيز ڪيو پيو وڃي، فوڪس 5 سيڪڙو ماڻهن تي آهي، سڌي ريت شوگر ملن کي ڏسي رهيا آهيون، پنجاب ۾ فيڪ يا فلائيٽنگ انوائس تي ڪيترن ئي ملن کي پڪڙي ويو آهي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته هو ٽيڪس سسٽم کي مستقل بنيادن تي ٺيڪ ڪرڻ چاهين ٿا، مجموعي طور تي 71 ارب رپين جو وڌيڪ ٽيڪس پوٽينشل موجود آهي.
هن چيو ته ٽيڪس اوڳاڙي ۾ ٽيڪنالوجي انتهائي اهم آهي، ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ نظام ۾ شفافيت آڻڻ ضروري آهي، ايف بي آر جي ٽيڪس وصولي ۾ انساني مداخلت گهٽائي پئي وڃي.
ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته هو آءِ ايم ايف سان ڀائيواري به قائم رکڻي آهي، پر پي ٽي آءِ باني واري نه معياري معاشي گروٿ چاهيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.