عدالت گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس ۾ مسلسل غير حاضري سبب خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.
عدالت، حسن ابدال ٿاڻي ۾ داخل ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ مسلسل غير حاضري سبب علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.
عدالت وڏي وزير کي 21 جنوري 2025 تائين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن علي امين گنڊاپور عدالت ۾ پيش نه ٿيو ته کيس اشتهاري قرار ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.