اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ 5 هزار رپين واري نوٽ جي بندش بابت ڪيترائي ڀيرا بحث ڇڙي چڪو آهي، جڏهن ته حڪومتي ايونن ۾ پڻ ان کي بند ڪرڻ بابت ڪيئي ڀيرا ويچاريو ويو آهي.
ماضي ۾ اختيارين ۽ سياستدانن طرفان ڪيترائي ڀيرا مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪرپشن سميت ٻين مختلف ڪارڻن جي ڪري 5 هزار رپين وارو نوٽ بند ڪيو وڃي، تنهن هوندي به ڪجهه مهينا اڳ اسٽيٽ بئنڪ طرفان وضاحت ڪئي وئي هئي ته اهڙي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي.
اڄ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر محسن عزيز تجويز ڏني ته 5 هزار رپين وارو نوٽ بند ڇو نٿو ڪيو وڃي؟
هن چيو ته ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ اهڙا قدم ضروري آهن، جتي وڌيڪ ايجنٽ ملوث هوندا، اتي ڪوڙ ڳالهائڻ مشڪل ٿيندو، اهڙا قدم کنيا وڃن جيڪي عمل جوڳا هجن ۽ جن سان نتيجا ملي سگهن.
ياد رهي ته آگسٽ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر وضاحت ڪئي هئي ته ملڪ ۾ 5 هزار جو نوٽ بند ڪرڻ بابت هن وقت ڪا تجويز غور هيٺ ناهي.
هن ٻڌايو هو ته ان سلسلي ۾ اڳ ۾ به تجويزون سامهون آيون هيون، پر انهن کي قبول نه ڪيو ويو.
You might also like