افغانستان ۾ هوائي حملن تي پرڏيهي کاتي جو بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي خودمختياري جو احترام ڪري ٿو پر پنهنجي شهرين کي دهشتگردي کان بچائڻ لاءِ سرحدي علائقي ۾ آپريشن ڪيو.
افغانستان ۾ هوائي حملن تي ردعمل ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان پنهنجي شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ پُراعزم آهي، جڏهن ته سرحدي علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيا آهن.
هن چيو ته آپريشن جو مقصد پاڪستاني شهرين کي ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگردن کان بچائڻ آهي ۽ آپريشن انٽيليجنس بنيادن تي ڪيو ويندو آهي.
ترجمان چيو ته پاڪستان افغانستان جي خودمختياري جو احترام ڪري ٿو، هميشه ڳالهين ذريعي سفارتڪاري تي ڌيان ڏنو آهي، پاڪستان افغانستان سان مسلسل رابطي ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.