راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ملٽري ڪورٽ پاران نوَ مئي جناح هائوس حملي واري ڪيس ۾ ملوث وڌيڪ 60 جوابدارن کي سزائون ٻڌائي ڇڏيون.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، 9 مئي سانحي ۾ ملوث وڌيڪ جوابدارن کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل طرفان سزائون ٻڌائيون ويون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جناح هائوس حملي ۾ ملوث حسان خان نيازي ولد حفيظ الله نيازي کي 10 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ميان عباد فاروق ولد امانت علي کي 2 سال، رئيس احمد ولد شفيع الله کي 6 سال، ارزم جنيد ولد جنيد رزاق کي 6 سال، علي رضا ولد غلام مصطفيٰ کي 6 سال، راجا دانش ولد راجا عبدالوحيد کي 4 سال، ۽ سيد حسن شاهه ولد آصف حسين شاهه کي 9 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
آءِ ايس پي جو چوڻ آهي ته مختلف حملن ۾ ملوث جوابدارن کي به سزائون ڏنيون ويون آهن، اي آءِ ايم ايڇ راولپنڊي تي حملي ۾ ملوث علي حسين ولد خليل الرحمان کي 7 سال، پنجاب رجمنٽ سينٽر مردان تي حملي ۾ ملوث زاهد خان ولد محمد نبي کي 2 سال، ۽ هيڊڪوارٽر دير اسڪائوٽس تي حملي ۾ ملوث سهراب خان ولد رياض خان کي 4 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي.
ان کانسواءِ جناح هائوس حملي ۾ ملوث بريگيڊيئر (ر) جاويد اڪرم ولد چوڌري محمد اڪرم کي 6 سال، ملتان ڪينٽ چيڪ پوسٽ حملي ۾ خرم لياقت ولد لياقت علي شاهه کي 4 سال، ۽ قلعو چڪدره حملي ۾ ذاڪرحسين ولد شاهه فيصل کي 7 سال قيد بامشقت جي سزا ٻڌائي وئي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به فوجي عدالت 9 مئي جناح هائوس ڪيس ۾ 25 جوابدارن کي سزائون ٻڌايون هيون.
ملٽري ڪورٽ طرفان جوابدارن کي سزائون تي يورپي يونين، آمريڪا ۽ برطانيا خدشا ظاهر ڪيا هئا، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف انهن فيصلن کي آئين سان ٽڪراءَ قرار ڏيندي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
نوَ مئي سانحو: ملٽري ڪورٽ عمران خان جي ڀاڻيجي سميت وڌيڪ 60 جوابدارن کي سزائون ٻڌائي ڇڏيون
Next Post
You might also like