سينچورين (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر بابر اعظم ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽ ۾ چار، چار هزار رنسون ٺاهيندڙ دنيا ٽيون بيٽر بڻجي ويو.
بابر اعظم ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ دوران اِهو ڪارنامو انجام ڏنو، هو پهرين اننگز ۾ چئن رنسن تي آئوٽ ٿي ويو .
اڳوڻي ڪپتان ڪرڪيٽ جي ڊگهي فارميٽ ۾ نوَ سينچريون 26 ففٽي اسڪور ڪيون آهن، هو ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پهريان ئي چار هزار رنسون مڪمل ڪري چڪو آهي.