غوثپور ۾ هٿياربندن حملو ڪري 2 پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو

غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاھي) شڪارپور ضلعي جي ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳڙهي تيغو شهر ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. خيرپور واسي پوليس اهلڪار عبدالقادر ڪلادي ۽ ٺل واسي الطاف حسين بروهي چانھ پيئڻ لاءِ ويل هئا ته اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيا. ٻنهي کي فوري طور سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هنن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو. واقعي کانپوءِ ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعي جي  مختلف ٿاڻن جي پوليس علائقي پهچي ڳڙهي تيغو ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. شهيد اهلڪار ڳوٺ خان محمد سبزوئي ڀرسان پوليس پڪٽ تي ڊيوٽي دوران چانھ پيئڻ لاءِ شهر آيا هئا، جتي مٿن حملو ڪيو ويو. اهڙي واقعي سبب علائقي ۾ خوف جي لهر ڇانئجي وئي. شهيد ٿيل اهلڪارن جي گهرن ۾ قهرام مچي ويو جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.