خيرپور/پيرڳوٺ/پريالوءِ (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو/وسيم سنڌي/صوبل اوڍو) پيرڳوٺ ڀرسان ناريجا ۽ سولنگي برادري جي تڪرار تي 5 ڄڻن جي قتل کان پوءِ صورتحال ڇڪتاڻ واري بڻيل آهي. مارجي ويلن جي جنازي نماز سندن ڳوٺن ۾ ڌار ڌار ادا ڪئي وئي. جنازي جي وقت قيامت جا منظر هئا، جڏهن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي. ناريجا برادري جي مارجي ويلن اعجاز ناريجو، قائم الدين ناريجو، ۽ ميانداد ناريجو جي جنازي نماز ڳوٺ ملڻ ناريجو ۾ ادا ڪئي وئي جڏهن ته سولنگي برادري جي عتيق سولنگي ۽ سراج سولنگي جي جنازي نماز ڳوٺ گاگڙي ۾ ادا ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي. سولنگي برادري جي خالد زرار چيو ته سندن نوجوان بي گناھ قتل ڪيا ويا. هنن آءِ جي سنڌ کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي. ناريجا برادري جي ايڊوڪيٽ علي داد ناريجو چيو ته مارجي ويل نوجوانن جو تڪرار سان ڪو واسطو نه هو. سندن نوجوان کير وڪرو ڪري واپس وڃي رهيا هئا ته کين رستي مان کنڀي قتل ڪيو ويو. ايس ايس پي خيرپور توحيد الرحمان ميمڻ پيرڳوٺ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي واقعو قومي جهيڙو ناهي پر ان کي قومي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي، سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي قتل ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿي سگهيا آهن. ايس ايس پي خيرپور چيو ته امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين. ڪجهه ڏينھن اڳ پوليس مقابلي ۾ بدنام ڏوهاري سائين ڏنو ناريجو مارجي ويو هو، جنهن کان پوءِ هن واقعي کي قومي تڪرار جي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. مارجي ويلن جي وارثن ۽ برادرين مطالبو ڪيو ته انصاف فراهم ڪيو وڃي، ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيا وڃن، ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب ٻنهي برادرين جا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، پير ڳوٺ، سکر ۽ خيرپور کان پير ڳوٺ ويندڙ رستا ويران ٿي ويا آهن. وڏا ماڇيون چوڪ مڪمل بند پيل آهي. پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.
پوليس جو ذاتي مفادن لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد: (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي ڪنگري ڀرسان پنج ماڻهن جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪندي واقعي جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو. هن چيو ته پ پ حڪومت سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار، لاقانونيت ۽ ڌاڙيلن جو راڄ قائم ڪرڻ چاهي ٿي. هن نشاندهي ڪئي ته سنڌ ۾ هزارين اسڪول بند آهن، تعليم ناهي، ۽ ڪرپشن عام آهي. حڪمران وڏيرن ۽ وزيرن ذريعي ڏوهارين کي خطرناڪ هٿيار فراهم ڪيا پيا وڃن. پوليس ۽ انتظاميه کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. پليجي مطالبو ڪيو ته ڪنگري واقعي جي جوابدارن کي گرفتار ڪري متاثرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ۽ قانون جي حڪمراني بحال ڪئي وڃي.