اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت طرفان مدرسن جي رجسٽريشن بل بابت صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صدارتي آرڊيننس جي تياري لاءِ قانون واري وزارت کي هدايتون ڏنيون ويون آهن. حڪومت ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) وچ ۾ مدرسن جي رجسٽريشن بابت بل تي معاملا طئي ٿيڻ ۽ حڪومت طرفان مولانا فضل الرحمان جا مطالبا مڃڻ کان پوءِ، حڪومتي ذريعن ٻڌايو هو ته مدرسن جي رجسٽريشن بابت صدر هڪ ترميمي آرڊيننس جاري ڪندو يا ان حوالي سان ترميمي بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ان بل تحت، مدرسن کي سوسائٽي ايڪٽ تحت رجسٽريشن ڪرائڻ جي اجازت ڏني ويندي ۽ جيڪي مدرسا تعليم وري جي موجوده نظام سان ڳنڍيل رهڻ چاهين ٿا، انهن کي پڻ ان آرڊيننس ذريعي قانوني تحفظ فراهم ڪيو ويندو. هاڻي ذريعن موجب فيصلو ڪيو ويو آهي ته صدر آصف علي زرداري مدرسن جي رجسٽريشن بابت آرڊيننس جاري ڪندو. حڪومتي ذريعن موجب، هن وقت تائين تعليم واري وزارت سان ڳنڍيل مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ ڪو قانون موجود ناهي. تعليم واري وزارت سان ڳنڍيل مدرسن کي عالم سڳورن ۽ حڪومت وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي جي بنياد تي ۽ وفاقي ڪابينا جي انتظامي فيصلي جي روشني ۾ قائم ٿيل مذهبي تعليم جي ڊائريڪٽوريٽ پاران رجسٽر ڪيو پيو وڃي. اهڙي ريت نه رڳو تعليم واري وزارت سان ڳنڍيل مدرسن جي رجسٽريشن جي عمل کي قانوني تحفظ حاصل ٿيندو، پر صدر طرفان مدرسن جي رجسٽريشن بل تي ڪيل اعتراضن کي پڻ صدارتي آرڊيننس ذريعي حل ڪيو ويندو.