سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي حڪومتي سرپرستي آهي: ممتاز حسين سهتو

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سهتو، صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ ۽ ٻين ڪنڌڪوٽ ۾ تربيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ بدامني عروج تي آهي، جتي ڀنگ خاطر اغوا، ڌاڙا، ڦرون ۽ قبيلائي جهيڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.  هنن چيو ته پيپلزپارٽي جي 16 سالن جي حڪومت دوران عوام بنيادي سهولتن کان محروم رهيو آهي، جڏهن ته ڌاڙيلن کي حڪومتي سرپرستي حاصل آهي. ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ضلعو ڏوهارين جو ڏيهه بڻجي چڪو آهي. سردارن ۽ سياسي بااثر ماڻهن جي مداخلت کي سختي سان ختم ڪرڻ گهرجي. جماعت اسلامي ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ سخت حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏيندي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ امن جي بحالي لاءِ لائحه عمل تي غور ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.