سجاول (منظور احمد ميمڻ )سنڌو درياهه تي نوان ڪينال اڏڻ بند نه ڪيا ويا ته پنجاب جي گئس، بجلي ۽ روڊ رستا بند ڪري ڇڏينداسين، اسان بک ۽ اڃ مرندا رهندا رھون ۽ اسان جي وسيلن تي ٻيا عيش ڪن اھو برداشت نه ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پريس ڪلب سجاول ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته صدر زرداري سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪينال ٺاهڻ جي اجازت ڏئي سنڌ سان دشمني ڪئي آهي،پاڻي سنڌ ۾ رهندڙ هر ڪنهن جي ضرورت آهي، ان ڪري سنڌ ۾ رهندڙ هر فرد کي گهرجي ته پنجاب جي ريگستانن کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو دريا کو رخ موڙڻ خلاف آواز اٿاري. هن چيو ته سردار شاهه ڪوڙو آهي، هو سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻين مسئلن تي پنهنجي فصاحت ۽ بلاغت جا دريا وھائي ڇڏيندو آھي، پر ڪينالن جي مخالفت ۾ ڳالھائڻ سندس ڳلو ڇو خشڪ ٿي وڃي ٿو.