سنڌ کي هر طرف کان سوڙهو ڪيو ويو آهي:وسند ٿري

ٽنڊو باگو (پ ر) عوامي تحريڪ ضلعي بدين طرفان سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ ۽ ليڪچرار شھيد سراج ھاليپوٽو جي ٻين  ورسي جي موقعي تي سراج ھاليپوٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٽنڊو باگو ويجهو ڳوٺ بچو ھاليپوٽو ۾ تعليمي تربيتي ورڪشاپ منقعد ڪيو ويو. تعليمي ورڪشاپ ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري فڪر رسول بخش پليجو ۽ عوامي تحريڪ جي واٽ ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار شاھ لطيف جو فڪر جي عنوان تي ليڪچر ڏنو. تربيتي ورڪشاپ ۾ مھراڻ درس زرقا ھاليپوٽو، بيگم زئور، فطرت ھاليپوٽو، مروبت ھاليپوٽو، عظمت ھاليپوٽو، مختيار بڪاري، جاکرو نوحاڻي، محمد علي ٽالپر، پرشوتم ڪولھي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته رسول بخش پليجي جو فڪر ٽين دنيا جي مظلوم قومن جي نجات جو ذريعو آهي،سنڌ جي پاڻي تي ناجائز ڌاڙا جاري آهن. سنڌ جون زمينون ،وسيلا، شهر، قدرتي وسيلا، تاريخي ماڳ ۽ مڪان وڪرو ڪيا پيا وڃن. سنڌ کي هر طرف کان سوڙهو ڪيو ويو آهي. لال جروار چيو ته لطيف سنڌ جو فڪري رهبر آهي. لطيف سائين جي شاعري ۾ جدوجھد جو پيغام آهي. .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.