ڏکڻ وزيرستان ۾ 13 دهشت گرد مارجي ويا

راولپنڊي(م ڊ) سيڪيورٽي فورسز طرفان خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڏکڻ وزيرستان ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن دوران 13  خارجي دهشت گرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 24، 25 ڊسمبر تي سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سراوغه ۾ خوارج جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو.پاڪ فوج جي ترجمان موجب آپريشن جي دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻي کي بهتر طريقي سان نشانو بنايو، آپريشن جي نتيجي ۾ 13 خارجي دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل خوارج سيڪيورٽي فورسز جي خلاف دهشتگردانه ڪارروائين ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا، علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي خارجي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.هوڏانهن صدرآصف علي زرداري ڏکڻ وزيرستان ۾ 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو.هن چيو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪري رهي آهي.صدر چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتني خوارج خلاف ڪارروايون جاري رهنديون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.