لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ملڪ ۾ 10 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ آهن، مافيا ۽ حڪمرانن عوام جو جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو. حڪومت ڪڻڪ ۽ ڪمند جي امدادي اگهه جو اعلان ڪري. چولستان ۾ زمينون ڪهڙي ميرٽ تي ورهائجي رهيون آهن؟ ڪارپوريٽ فارمنگ سان عام هاري تباهه ٿي ويندو. هارين جي حقن جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان کي پوري ملڪ تائين پکيڙينداسين. آءِ پي پيز مافيا خلاف به احتجاج شروع ڪيو ويندو. عوام وڏي سڏ لاءِ تيار رهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڦاليا، منڊي بهاءُالدين ۾ هاري ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو جتي ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. هن ڪرسمس جي حوالي سان چيو ته جماعت اسلامي اقليتن جي حقن لاءِ به سڀ کان اثرائتو آواز اٿاريندي آهي.