ڪراچي(رپورٽر) اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پيپلز پارٽي 15 سالن کان حڪومت ۾ آهي پر ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي آهي.مفتاح اسماعيل قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏني ۽ فاتحه خواني سان گڏ گلن جي چادر چاڙهي. انهي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته قائداعظم جي ڏنل ملڪ جا اسان انتظام صحيح نه ڪري سگهياسين، 40 سيڪڙو پاڪستاني اڄ به غربت جي لڪير هيٺيان زندگي گذاري رهيا آهن. اسان اڄ قائداعظم کان معافي گهرڻ آيا آهيون، اسان شهر ۾ پاڻِ نٿا ڏئي سگهون، لاهور ۾ صاف هوا نٿا ڏئي سگهون.مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستاني حڪمران گورننس ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن، پاڪستان کي حڪمراني لاءِ ايماندار اڳواڻ گهرجن.