حيدرآباد(پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي 62 سالگرہ جي تقريب ترقي پسند ھائوس تي ٿي گذري تقريب جو مهمان خاص ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي هو. سالگره جي تقريب جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته حڪمران ملڪ کي اڃان وڌيڪ عدم استحڪام طرف ڌڪي رهيا آهن سندن غلط فيصلن ۽ ننڍن صوبن سان ناانصافين وارن فيصلن سبب عوام اندر احساس محرومي وڌي رهي آهي. سنڌ جيڪا هن ملڪ ۾ پنهنجي رضامندي سان شامل ٿي هئي پر ان سان ٿيندڙ ورتاءُ ائين آهي ڄڻ سنڌ کي فتح ڪيو ويو هجي. سنڌ جيڪا هن ملڪ جي معيشت ۾ وڏو حصو وجهندڙ آهي پر اڄ سنڌ جا ماڻهو انتهائي مفلسي واري زندگي گذاري رهيا آهن. کين ڪابه بنيادي سهولت ميسر ناهي نه پيئڻ جو صاف پاڻي ملي ٿو نه صحت جون سهولتون آهن نه وري ڪو بهتر تعليم جا انتظام آهن. پ پ پ حڪومت جيڪا هن وقت گذريل 17 سالن کان اقتدار ۾ آهي پر اها سنڌ کي ڪجھه ڏيڻ جي بدران سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن جي حصيدار رهي آهي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي دشمن ۽ دوست جي وچ لڪير ڪڍڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته جاگيردار طبقو سدائين مفاد پرست رهيو آهي ان کي پنهنجا ذاتي مفاد عزيز رهيا آهن انهن ڪڏهن به سنڌ جي اجتماعي مفادن جو ساٿ ناهي ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ خلاف ايس ٽي پي تيستائين پنهنجي تحريڪ جاري رکندي جيستائين اهو اعلان واپس نٿو وڃي. نامور قانوندان ماما يوسف لغاري خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر قادر مگسي هڪ بهادر ۽ جرتمند اڳواڻ آهي جنهن هميشه سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف ڀرپور آواز اٿاريو آهي. ليکڪ منصور قادر جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي اندر عملي جدوجهد ڪندڙ جو نالو ڊاڪٽر قادر مگسي آهي ان موقعي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻن حيدر شاھاڻي ، هوت خان گاڏهي ، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، قادر چنا، امتياز سمون، جان محمد جوڻيجو حفيظ ڏيرو، اظهار سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو.