شهباز شريف پاران نواز شريف کي سالگرهه تي مبارڪون

اسلام آباد(اي پي پي(وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف کي سالگرهه تي  کيس مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سندس ڏاهپ ۽ ملڪ جي خدمت جو جذبو اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. ڪالهه اربع ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته محمد نواز شريف جون سياسي خدمتون پوري قوم جي لاءِ اميد جو ڏيئو آهن، پاڪستان سندس اڻٿڪ ڪوششن ۽ بصيرت افروز قيادت تي سدائين فخر ڪندو. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف جي سالگرهه تي کيس مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ سندس صحت ۽ ڪاميابين جي لاءِ دعاڳو آهيون

  1. اسان قائداعظم جي تعليمات وساري ڇڏي:يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته قائداعظم محمدعلي جناح پنهنجي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ  جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڌار ملڪ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ- هند جي مسلمانن لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي پاڪستان جي قيام کي عمل شڪل بخشي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين، قائداعظم محمدعلي جناح جي جنم ڏڻ جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته قائداعظم عظيم ليڊر ۽ وڏو ذهن رکندڙ هو، قوم جي باني جي ڏور رس ۽ سياسي بصيرت قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جهڙا رهنما اصول واضح ڪيا، سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي باني جي تعليمات ۽ سندس فرمانن جي اهميت موجوده دؤر جي مسئلن کي آڏو رکندي وڏي اهميت اختيار ڪري ويا آهن پر مسئلن جو وڏو ڪارڻ اسان سندن تعليمات وِساري ڇڏي جنهن جي نشاندهي قائداعظم ڪئي هئي، اڄ اسان کي جيڪي ڏُکيائيون درپيش آهن انهن تي ضابطوآڻڻ لاءِ واحد رستو قانون ۽ آئين تي جيئن جو تيئن عمل ڪرڻ آهي،

  1. ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي اهلڪار زخمي

ڪراچي (  رپورٽر ) مومن آباد ٿاڻي جي حد ۾ موٽرسائيڪل تي سوار سادن ڪپڙن ۾ پوليس اهلڪار عبدالله ڪاليج کان بنارس پل ذريعي ميٽرو سنيما کان پنهنجي  گهر وڃي رهيو هو ته موٽرسائيڪل تي سوار 2 نامعلوم جوابدارن کيس روڪڻ جو اشارو ڪيو ۽ ڦر جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت تي فائرنگ ۾ اسپيشل برانچ ۾ مقرر اهلڪار سيد محمد حيدر عابدي زخمي ٿي پيو،کيس اسپتال داخل ڪيو ويو

  1. سنڌ پوليس ۾ مقرريون بدليون

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ پوليس کاتي ۾ وڏيون تبديليون ڪيون ويون آهن. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران جاري نوٽيفيڪشن مطابق شوڪت علي کٽياڻ کي ايس ايس  پي ٽريفڪ ضلعي ملير مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر سيد قمر عباس رضوي ايس ايس پي ٽريفڪ ضلعي سينٽرل مقرر، سيد محمد علي رضا ايس ايس پي ريپڊ رسپانس فورس (آر آر ايف) الفلاح بيس تي مقرر, سهائي عزيز کي ايس ايس پي ٽريفڪ ضلعي ڏکڻ مقرر ڪيو ويو. فرح امبرين وائيس پرنسپال (ايس بي بي- اِي پي ٽي سي) رزاق آباد کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي ضلعي ڪورنگي  ٽريفڪ جي اضافي چارج پڻ ڏني وئي آهي. سعادت علي ياسين کي اي آءِ جي فارنزڪ ڊويزن مقرر ڪيو ويو آهي. محمد اعظم جمالي کي ايس پي پرنسپل ٽريفڪ ٽريننگ انسٽيٽيوٽ سعيد آباد ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.عابد حسين قائم خاني اي آءِ جي ٽيلي ڪميونيڪيشن مقرر, علي انور سومرو ايس پي وائيس پرنسپل شاهد حيات پوليس ٽريننگ سينٽر سعيد آباد مقرر ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.