پشاور (م ڊ) پارا چنار ۾ علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب فوت ٿيل ٻارن جو انگ 100 کان وڌي ويو. اڍائي مهينن کان رستا بند هجڻ خلاف شهرين جو ڌرڻو ڇهين ڏينهن به جاري رهيو. اپر ڪرم تعلقي چيئرمين آغا مزمل موجب رستن جي بند هجڻ سبب شهري خوراڪ ۽ علاج کان محروم آهن. ڊي سي ڪرم موجب ڳالهين لاءِ جرڳو ڪرم پهچي ويو آهي. پارا چنار جي عوام سان ايڪي جي اظهار طور مجلس وحدت المسلمين طرفان ڪراچي جي نمائش چرونگي ۽ لاهور پريس ڪلب تي به احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. صوبائي اطلاعات بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف موجب ڪرم شاهراهه کي محفوظ ڪرڻ لاءِ 400 پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي اين ڊي ايم اي رليف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. پهريون هيلي ڪاپٽر 500 ڪلوگرام دوائون کڻي پاراچنار پهتو ۽ واپسي تي 4 مريضن کي اسلام آباد کڻي آيو. متاثر علائقي جي اڳواڻ آغا مزمل موجب علائقي ۾ ڇڪتاڻ کي 78 ڏينهن ٿي ويا آهن ۽ پارا چنار جو ملڪ سان رابطو ڪٽيل آهي، ڪير مجبوري تحت به سفر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ماريو وڃي ٿو. هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن رستا نه کليا ته سڄي ملڪ جي مک رستن ۽ ريل جي بندن کي بند ڪيو ويندو.