سينچورين (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 26 هين ڊسمبر( سڀاڻي ) تي سينچورين ۾کيڏي ويندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مئنيجمينٽ ۽ سليڪشن ڪميٽي ڏکڻ آفريڪا خلاف سڀاڻي کان سپر اسپورٽس پارڪ سينچورين ۾ شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ ۾ ست بيٽرز سان ميدان تي لهڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان طرفان اِن فارم صائم ايوب سان گڏ ڪپتان شان مسعود اننگزجي شروعات ڪندا، اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جنهن کي هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ انگلينڊ خلاف ملتان ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست کانپوءِ ڊراپ ڪيو ويو هو، کيس آئوٽ آف فارم عبدالله شفيق جي جاءِ تي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ بابر اعظم ون ڊائون پوزيشن سنڀاليندو، ڪامران غلام چوٿين، نائب ڪپتان سعود شڪيل پنجين ۽ وائيٽ بال ٽيم جو ڪپتان وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان ڇهين نمبر تي بيٽنگ ڪندو.
ان کانسواءِ بيٽنگ آل رائونڊر سلمان علي آغا لوئر آرڊر ۾ ستين پوزيشن تي بيٽنگ لاءِ ايندو، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي ٽيل شروع ٿيندي.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي سيريز ڏکڻ آفريڪا جي نالي رهي هئي، جڏهن ته ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان ميزبان ٽيم کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو هو.
باڪسنگ ڊي ٽيسٽ: ڏکڻ آفريڪا خلاف پاڪستان جو بيٽنگ آرڊر ڇا هوندو؟ تفصيل سامهون اچي ويا
You might also like