سينچورين (ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪا پاڪستان خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ لاءِ پليئنگ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وائيٽ بال سيريز کانپوءِ هاڻي پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 26 ڊسمبر کان سينچورين ۾ شروع ٿيندي.
پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، پروٽيز جي قيادت ٽيمبا باووما ڪندو، جڏهن ته اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر ٽيرٽيس بوش جو 30 ورهين جي پٽ آل رائونڊر ڪوربن بوش کي ڊيبيو ڪندو.
ٻين رانديگرن ۾ ٽوني ڊي زورزي، ايڊن مارڪرم، ريان رڪليٽن، ٽرسٽن اسٽبز، ڊيوڊ بيڊنگهم، ڪائل ويرياني، مارڪو جنيسن، ڪيگيسو رباڊا ۽ ڊين پيٽرسن شامل آهن.
You might also like