ديني مدرسن جي رجسٽريشن معاملي تي مشاورت، نئون آرڊيننس آڻڻ تي غور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ديني مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي تي سمورين ڌرين جي لاءِ قابل قبول حل لاءِ نئون آرڊيننس آڻڻ تي غور ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ديني مدرسن جي رجسٽريشن بابت ايوانِ صدر، وزير اعظم ۽ قانون واري وزارت ۾ مشاورتي عمل جاري آهي.
حڪومتي ذريعن موجب، مشاورتي عمل جي يو آءِ ف جو قانوني صلاحڪار سينيٽر ڪامران مرتضيٰ پڻ شامل آهي.
مشاورتي عمل مڪمل ٿيڻ تي صدر مدرسن جي رجسٽريشن بابت آرڊيننس جاري ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آرڊيننس جي تجويز وزيراعظم جي مولانا فضل الرحمان ۽ صدر آصف علي زرداري سان ملاقاتن ۾ سامهون آئي.
ذريعن موجب، مدرسن جي رجسٽريشن بابت آرڊيننس تي جي يو آءِ سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.