پشاور (ويب ڊيسڪ): پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي سينٽ اليڪشن جو معاملو جلد حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
خيبر پختونخوا ۾ سينٽ اليڪشن ڪرائڻ بابت درخواست تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم ۽ جسٽس وقار احمد ٻڌڻي ڪئي.
درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته گذريل ٻڌڻي تي چونڊ تاريخ لاءِ اليڪشن ڪميشن وقت گهريو هو، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته معاملي تي ڪجهه حد تائين غور ڪيو ويو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن سينٽ اليڪشن بابت گڏجاڻيون ڪيون آهن.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته اسان اوهان کي ٻن هفتن جو وقت ڏيون ٿا، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته وڌيڪ وقت ڏنو وڃي، ٿي سگهي ٿو متان سپريم ڪورٽ به ڪو فيصلو ڪري.
درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته هي( اليڪشن ڪميشن ) اليڪشن نٿا ڪرائڻ چاهين، جنهن تي چيف جسٽس وقار احمد چيو ته پهريان اوهان اليڪشن نه پيا ڪرائڻ چاهيو، هاڻي اليڪشن ڪميشن ڪرائڻ چاهي ٿو.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جو چوڻ هو ته اسان کي وڌيڪ وقت ڏنو وڃي، ڪوشش ڪنداسين ته معاملي کي حل ڪريون.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد اليڪشن ڪميشن کي سينٽ اليڪشن جو معاملو جلد حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
You might also like