پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ (پي سي بي) ويسٽ انڊيز جي دوري جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
پي سي بي موجب، ٻنهي ٽمين وچ ۾ ڪراچي ۾ شيڊيول پهرين ٽيسٽ ميچ هاڻي اهو ميچ ملتان منتقل ڪئي وئي آهي، جنهن بعد هاڻي ٻئي ٽيسٽ ميچون ملتان ۾ ئي کيڏيون وينديون.
ويسٽ انڊيز جي ٽيم 6 جنوري تي اسلام آباد پهچندي ۽ 10 کان 12 جنوري تائين راولپنڊي ڪرڪٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان شاھينز خلاف 3 ڏينهن واري پريڪٽس ميچ کيڏندي، ان کان پوءِ ويسٽ انڊين ٽيم ملتان ۾ پاڪستان خلاف سيريز جون ٻئي ٽيسٽ ميچون کيڏندي.
پهريون ٽيسٽ 17 کان 21 جنوري تائين کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ 25 کان 29 جنوري تائين شيڊيول آهي.
واضح رهي ته ويسٽ انڊيز ڪرڪٽ ٽيم 19 ورهين بعد ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستان اچي رهي آهي، آخري ڀيرو ويسٽ انڊيز نومبر 2006ع ۾ پاڪستان خلاف 3 ٽيسٽ ميچون کيڏيون هيون.
ويسٽ انڊيز 2016 ۾ گڏيل عرب رياستن ۾ ۾ پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏي هئي، ويسٽ انڊيز 2018ع کان پوءِ 3 ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪيو آهي، جنهن دوران هڪ ڀيرو ون ڊي انٽرنيشنل سيريز 2022ع ۾ ۽ ٻه ڀيرا ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل سيريز 2018ع ۽ 2021 ع ۾ کيڏي وئي هئي.
You might also like