اسرائيل پاران اسماعيل هنيه کي شهيد ڪرڻ جو اعتراف

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل پهريون ڀيرو عوامي سطح تي حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه کي شهيد ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
اسرائيل جي بچاءُ واري وزير ڪاٽز پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته هو حوثي اڳواڻن سان به اهو ئي ڪندا جيڪو هنن اسماعيل هنيه، يحيى السنوار ۽ حسن نصرالله سان ڪيو آهي.
هن چيو ته اسان حوثين کي واضح پيغام ڏيو ٿا ته اسان حماس ۽ حزب الله کي شڪست ڏني، ايران جي دفاعي ۽ پيداوار نظام کي نقصان رسايو ۽ شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت جو خاتمو آڻي ڇڏيو آهي.
ڪاٽر وڌيڪ چيو ته هاڻي اسان حوثين جي اسٽرٽيجڪ انفرا اسٽرڪچر کي نقصان پهچائينداسين.
ياد رهي ته فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه کي هلندڙ سال جولاءِ ۾ ايران ۾ شهيد ڪيو ويو هو.
اسماعيل هنيه ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي حلف برداري لاءِ تهران ۾ موجود هو، حماس ۽ ايران ان حملي جو ذميوار اسرائيل کي قرار ڏنو هو پر اسرائيل باظابطا طور ان حملي جو اعتراف نه ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.