واشگنٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا، پاڪستان ۾ فوجي عدالت مان 25 شهرين کي سزا ملڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مٿيو ملر هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستاني شهرين کي 9 مئي جي احتجاج ۾ ملوث هجڻ تي فوجي عدالتن سزا ٻڌائي، جڏهن ته فوجي عدالتن ۾ عدالتي آزادي، شفافيت ۽ انصاف جي ضمانت جي کوٽ آهي.
مٿيو ملر وڌيڪ چيو ته پاڪستاني اختيارين کي آئين ۾ ڄاڻايل منصفاڻي ڪيس ۽ انصاف جي حق جو احترام ڪرڻ گهرجي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن برطانيا پڻ فوجي عدالتن جي فيصلن تي ردعمل ڏيندي چيو هو ته فوجي عدالتن طرفان عام شهرين کي سزا ڏيڻ ۾ شفافيت ۽ آزاد جاچ پڙتال جو فقدان هوندو آهي، جيڪو منصفاڻي ٻڌڻي جي حق کي نقصان پهچائي ٿو.
ان کانسواءِ يورپي يونين پڻ 21 ڊسمبر تي پاڪستان ۾ فوجي عدالت طرفان 25 شهرين کي سزا ڏيڻ تي خدشا ظاهر ڪيا هئا.
You might also like