موت جي اوسيئڙي ۾ ويٺل 37 قيدين کي جيون دان ملي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جوبائيڊن موت جي سزا ڪاٽيندڙ 37 قيدين جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، آمريڪي صدر جوبائيڊن 37 وفاقي قيدين جي موت جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي، صدارتي اعلان کانپوءِ موت جي سزا جي منتظر وفاقي قيدين جو انگ 3 رهجي ويو.
ميڊيا رپورٽس موجب، صدر جوبائيڊن موجب اهي تبديليون سندس انتظاميا موجب وفاقي ڦاهي تي لاڳو پابندي سان هڪجهڙائي رکن ٿيون.
صدر بائيڊن جو چوڻ آهي ته دهشتگردي ۽ اجتماعي قتل جي جوابدارن جي موت جي سزا برقرار رهندي.
رپورٽس موجب، بوسٽن ميراٿون بم حملي 2023 جي جوابدار جوهر سرنيف جي موت جي سزا برقرار آهي، ان کان کانسواءِ ڏکڻ ڪيرولينا ۾ ڪاري نسل چرچ حملي جي جوابدار ڊائيلان روف جي موت جي سزا به برقرار رکي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، پٽسبرگ ۾ يهودي عبادت گاهه تي حملي جي جوابدار رابرٽ بوورز جي موت جي سزا به برقرار رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.