اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي پابندين کي رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا طرفان اسان تي جيڪي پابنديون مڙهيون ويون آهن انهن جو ڪو به جواز نه آهي ۽ پاڪستان جي جوهري پروگرام تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ خوارجن جي حملي ۾ 17 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا ۽ اسان جي فورسز ڪيترن ئي خوارجن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. سپهه سالار پاڻ وڃي اهلڪارن کي حوصلو ڏنو، سمورا وسيلا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪتب آڻي رهيا آهيون،جيستائين دهشتگرديءَ جو خاتمو نه ٿيندو، سڪون سان نه ويهنداسين.
هن چيو ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا پيش آيا آهن. خيبرپختونخوا ۾ فرقيواريت جو واقعو انتهائي افسوس جوڳو آهي، ٻئي گروهه هٿياربند آهن، ڪرم ۾ جڏهن رتوڇاڻ جاري هو، ان وقت اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي پئي وئي.
شهباز شريف چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهيون، حڪومت صوبن سان ملي ڪري دهشتگرديءَ خلاف قدم کڻي رهي آهي.
بيلسٽڪ ميزائل پروگرام بابت آمريڪا طرفان مڙهيل پابندين تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان تي لڳايل پابندين جو ڪو به جواز نه آهي. پاڪستان جو جوهري پروگرام صرف ملڪ جي دفاع لاءِ آهي ۽ اهو 24 ڪروڙ عوام جو پروگرام آهي، ان تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ سان گذريل ڏينهن ڪميٽي جي ملاقات ٿي آهي، قومي مفاد کي سامهون رکندي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ته يڪجهتي کي هٿي ملندي. ڪنهن جي نيت تي شڪ ناهي، اميد آهي ته ٻئي ڪميٽيون اهڙو حل ڪڍنديون جيڪو ملڪ لاءِ فائديمند هوندو.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2018ع کانپوءِ مهانگائي سڀ کان گهٽ سطح تي آهي، ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي. ڊاڪٽر يونس سان قاهره ۾ هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي، بنگلاديش سان لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن ۽ بنگلاديش لاءِ اسان جي چانور جي ايڪسپورٽ به ٿي رهي آهي.
You might also like