190ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو ڳالهين جي ڪاميابي سان مشروط؟

اسلام آباد(جاويد چوڌري)پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان کي 14 سال قيد جي سزا اچي ويندي،2جنوري تي ڌرين ۾ ڳالهين جو سلسلو وري شروع ٿيندو،6 جنوري تائين ڪو نتيجو نه نڪتو ته پوءِ ان ڪيس جو فيصلو ٿي سگهي ٿو وري ملتوي ڪيو وڃي،ماڻهو ان حوالي سان تبصرا ڪري رهيا آهن،اهو فيصلو ڳالهين جي ڪري رڪيل آهي ۽ عمران خان به چاهي ٿو ته ان ڪيس ۾ کيس سزا نه اچي،ان ڪري هن حڪومت کي ڳالهين جي درخواست ڪئي هئي ته جيئن عدالتي فيصلو ملتوي ٿي وڃي ٻيو سبب اهو به آهي ته پي ٽي آءِ کي جيترو زور لڳائڻو هو اهو لڳائي چڪي،هاڻي پارٽي ٿڪجي چڪي آهي،هاڻي وڌيڪ ان جي ڪا به تحريڪ ڪاميابي ماڻي نٿي سگهي،ان ڪري عمران فيصلو ڪيو ته حڪومت کي انگيج ڪجي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 24 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.