اسيمبلي ميمبرن کي 31 تاريخ تائين گوشوارا جمع ڪرائڻ جي هدايت

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي 31 ڊسمبر تائين گوشوارا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن خبردار ڪيو ته پارليامينٽ ميمبر گهرڀاتين ۽ ڪفالت ۾ رهندڙن جا گوشوارا جمع ڪرائڻ جا پابند آهن، نه ڏيڻ تي ميمبرشپ  معطل ڪئي ويندي. غلط ڄاڻ ڏيڻ تي سيڪشن 137 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

  1. ڪراچي ۾ سائبرين هوائن جو زور، اڄ کان سيءُ وڌي ويندو

ڪراچي (رپورٽر) چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز موجب، ڪراچي ۾ اڄ کان سائبرين هوائن جي رفتار تيز ٿي ويندي جيڪي 25 کان 35 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اتر اوڀر کان گهلنديون. 24 ۽ 25 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ تيز هوائن سان گڏ سيءَ جي شدت وڌڻ جو امڪان آهي. ان دوران ڏينهن جو گرمي پد 25 ڊگري  ۽ رات جو 9 کان 11 ڊگري جي وچ ۾ رڪارڊ ٿيڻ جي اميد آهي. گذريل ٻن ڏينهن دوران پارو سنگل ڊجيٽ تائين رهيو ۽ هاڻي موسم ٿڌي ۽ خشڪ آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ برفباري ۽ برسات سان ڊسمبر ٿڌ جو اثر ڏيکاري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.