حڪومت ۽ مخالف ڌر جو ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق،اجلاس جو پڌرنامو جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ۽ مخالف ڌر ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽي ميمبرن جو پهريون ان ڪيمرا اجلاس پارليامينٽ جي ڪميٽي روم نمبر پنج ۾ ٿيو.
حڪومت ۽ مخالف ڌر ڪميٽين جي اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي، سينيٽر عرفان صديقي اجلاس جي پڌرائي پڙهي ٻڌائي.
پڌرائي موجب، پارليامينٽ هائوس ۾ ڳالهين جي پهرين ويهڪ ٿي، جنهن ۾ حڪومت طرفان نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، سينيٽر عرفان صديقي، راڻا ثناءُ الله، راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، عليم خان ۽ فاروق ستار شريڪ ٿيا.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف طرفان ٽن ميمبرن اسد قيصر، حامد رضا ۽ علامه راجا ناصر عباس ڳالهين ۾ حصو ورتو.
جاري ڪيل پڌرائي موجب، ٻنهي ڪميٽين طرفان ڳالهين کي هاڪاري عمل قرار ڏنو ويو، جڏهن ته مخالف ڌر جي ڪميٽي شروعاتي مطالبن جو خاڪو پيش ڪيو ۽ ايندڙ اجلاس ۾ لکت ۾ مطالبا پيش ڪندي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس دوران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيلن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ٻنهي ڪميٽين اسپيڪر اياز صادق جا ٿورا مڃيا.
جاري ڪيل پڌرائي ۾ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته ٻنهي ڪميٽين ڳالهين جو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 2 جنوري تي ٿيندو….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.