اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان پارٽي اڳواڻن جي حڪومت سان ڳالهين دوران شرڪت نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين ٻڌايو ته اپوزيشن ۽ حڪومت وچ ۾ اڄ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿيو، جنهن ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور صوبائي ڪابينا اجلاس سبب شريڪ نه ٿي سگهيو.
بئريسٽر گوهر موجب، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب پشاور جي عدالتن ۾ حاضري سبب نه اچي سگهيو جڏهن ته حامد خان بنگلاديش جي دوري سبب ۽ سلمان اڪرم راجا لاهور ۾ عدالتي مصروفيتن جي ڪري شرڪت نه ڪري سگهيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ميمبر مصروفيتن سبب ڳالهين واري عمل ۾ شامل نه ٿي سگهيا، پارٽي جي ڪنهن به ميمبر ڳالهين کان انڪار نه ڪيو هو.
واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، حڪومتي ۽ اپووزيشن ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ ۽ ايندڙ اجلاس ٻه جنوري تي سڏائڻ تي اتفاق ڪيو.
You might also like