جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز جي آخري ميچ آچر جي ڏينهن کيڏي وئي جتي اسٽيڊيم ٻن غير معمولي واقعن مداحن جون دليون کٽي ورتيون.
جوهانسبرگ ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ميزبان ٽيم کي ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت 36 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
اِها ميچ ڏکڻ آفريڪا جي سالياني پنڪ ڊي ميچ هئي، ان ڏينهن آفريڪي ٽيم گلابي رنگ جي جرسي (ڪِٽ ) پائي کيڏندي آهي، اِهو ڏينهن ڇاتيءَ جي ڪئنسر جي آگاهي طور ملهايو ويندو آهي.
وينڊيررز اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ نه رڳو ميچ پر زندگيءَ، محبت ۽ ڪرڪيٽ جو جشن بڻجي وئي ڇو ته سڄي دنيا جي ماڻهن اسٽيڊيم ۾ ٻه غيرمعمولي واقعا ڏٺا.
اسٽيڊيم ۾ هڪ تماشائي عورت ٻار کي جنم ڏنو، ميچ ڏسندڙ جوڙي جي پٽ جي پيدائش جو اعلان ميدان ۾ لڳل اسڪرين بورڊ تي ڪيو ويو.
اسڪور بورڊ تي لکيو ويو ته “ مسٽر اينڊ مسز بينگ کي صحت مند ٻار جي پيدائش تي واڌيون هجن.“
ٻئي پاسي هڪ تماشائي اسٽيڊيم ۾ ئي هڪ ناري کي شادي جي آڇ ڪئي جيڪا هن قبول ڪري ورتي.
ٻئي تصويرون سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي ويون، جنهن تي سڄي دنيا جي واهپيدارن جوڙي ۽ تازي ڄاول ٻار لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.