ڏکڻ آفريڪا گهر ۾ وائيٽ واش، پاڪستان نئين تاريخ لکي ڇڏي

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪندڙ دنيا جي پهرين ٽيم بڻجي وئي.
ڏکڻ آفريڪا جنهن پهريون ڀيرو 1991ع ۾ باظابطا طور ون ڊي سيريز ۾ حصو ورتو هو، پروٽيز پهرين گهرو سيريز 1992ع ۾ ڀارت خلاف کيڏي هئي.
ڏکڻ آفريڪا کي هوم گرائونڊ تي اڄ تائين اهڙي شرمناڪ صورتحال جو جو منهن نه ڏسڻو پيو هو، پر هاڻي پاڪستان اُها ٽيم بڻجي وئي آهي جنهن آفريڪي سرزمين تي تي پهريون ڀيرو ڏکڻ آفريڪا کي 0-3 تان شڪست ڏني.
جوهانسبرگ جي ميدان تي برسات سبب ميچ 47 اوورن تائين محدود ڪئي وئي ۽ پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 47 اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 309 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان اوپنر صائم ايوب سيريز جي ٻي سينچري اسڪور ڪندي 101 رنسون اسڪور ڪيون، جواب ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم 271 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، هينرڪ ڪلاسِن 81 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي پر ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.