جوهانسبرگ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ڏکڻ آفريڪا کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو، تاريخي ڪاميابيءَ ۾ اوپنر صائم ايوب جو ڪردار انتهائي اهم رهيو.
صائم ايوب سيريز دوران ٻه سينچريون اسڪور ڪيون، اوپنر کي آخري ون ڊي ۾ پليئر آف دي ميچ سميت پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم به نوجوان بيٽر جي ساراهه ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو.
بابر اعظم پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ تي صائم ايوب کي ” چيتو “ قرار ڏنو، هڪ ٻي پوسٽ ۾ اڳوڻي ڪپتان پنهنجي گهاٽي دوست ۽ ڊگهي عرصي کان قومي ٽيم کان ٻاهر اوپنر امام الحق کي سالگرهه تي مبارڪباد پيش ڪئي.
ان کانسواءِ بابر اعظم هڪ وڌيڪ پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن پاڪستان جي ٽِين ميچ جون تصويرون پوسٽ ڪيون ۽ فتح کي پاڪستان لاءِ فخر ۽ خوشي قرار ڏنو.
You might also like