اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر سان ڳالهين واري حڪومتي ڪميٽي جي ميمبر ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پارلياماني جمهوري نظام پوليٽيڪل ڊائيلاگ کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگهي.
حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڳالهين بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مخالف ڌر کي جيڪي ڳالهيون ڪرڻيون آهن ڪري، هو به پنهنجو موقف رکندا، پوليٽيڪل ڊائيلاگ سان کي وچ جو رستو نڪرندو.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ رستو ڪڍي، اهو نٿو ٿي سگهي ته ڪو سئو سيڪڙو هڪٻئي جي ڳالهه مڃي وٺي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته جڏهن ن ليگ کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پئي ويو، تڏهن به چيو هو ته چارٽر آف اڪانامي ڪريو.
You might also like