زرداري ڪئنالن جي منظوري ڏني آهي، اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون: پاڳارو

نصير آباد (م ڊ) حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته هن وقت پاڻي اهم مسئلو آهي، هو جتي به ويو، ماڻهن جو حال ڏسي افسوس ٿيو،  اهڙا به علائقا آهن، جتي پيئڻ ۽ وهنجڻ لاءِ به پاڻي نه آهي، جيڪڏهن صدر زرداري ڪئنالن لاءِ اين او سي ڏني آهي ته اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون، سنڌ کي پاڻي ملندو ته بلوچستان ڏانهن به پهچندو،ٻوڏ دوران ماڻهو ڊنل  هوندا آهن ته ڪٿي بند ٽُٽي نه پوي، جڏهن ته ٻوڏ جي سيزن ۾ ماڻهو پاڻي لاءِ وڙهندا آهن، پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڪالا باغ ڊيم منصوبو ضياءُ الحق جي دور ۾ ختم ٿي چڪو هو، جڏهن ته بينظير جي دور حڪومت ۾ ڪالا باغ ڊيم لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويا هئا، 1985ع ۾ به سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻيءَ جي مسئلن تي اختلاف ٿيا هئا، نصيرآباد جي ڪوٽ نورپور جمالي اوستا محمد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پير پاڳاري چيو ته بلوچستان ۾ اقتدار وارا غربت مان نڪري امير ٿي ويا، جڏهن ته بلوچستان جو پئسو عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجي ها، موسمياتي تبديلين سبب زراعت کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، معاشي طور بحالي لاءِ چوپايو مال پالڻ گهرجي، پير پاڳاري چيو ته اسان کي خبر هئي ته گذريل 70 سالن کان چونڊون ڪيئن ٿي رهيون آهن، پر هن ڀيري عالمي سطح تي به خبر پئجي وئي ته پاڪستان ۾ چونڊون ڪيئن ٿيون ٿين؟ اوهان جي ۽ منهنجي ووٽ سان نه حڪومت ٺهندي آهي ۽ نه ئي ڊهندي آهي، ووٽ الف کي ڏيون ٿا ته حڪومت ب جي اچي ويندي آهي، هيءَ حڪومت ٺاهي ته وئي آهي، پر ڇا اها هلي پئي؟ اسان جو نصيب چئو يا عادت اسان کي ڪوڙ ۾ رهڻ پسند آهي، ڪياني صاحب جي دور ۾ حالتون خراب هيون ۽ باجوا صاحب جي دور ۾ حالتون ڊانوان ڊول ٿي ويون، هي حڪومت به مڪمل طور تي ڪوڙ تي ٻڌل آهي، حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو هڪٻئي سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، هيءَ حڪومت نه هلي رهي آهي نه اڳتي هلي سگهندي، جيڪڏهن عزتدار ماڻهو سياست مان ٻاهر ٿي ويندا ته پوءِ ٺيڪيدار ملڪ هلائيندا، اسان کي ملڪ جي بهتري لاءِ سوچڻو آهي، هن چيو ته اسان وفاق جا حمايتي آهيون، فيصلو ڪندڙن کي درست ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ گهرجن، عزت ۽ انصاف کانسواءِ معاشرو نه ٿو هلي سگهي. عزت نٿا ڏئي سگهو ته نه ڏيو، پر انصاف ضرور ڏيو، جيڪڏهن سڀ ماڻهو قانون تحت هلندا ته بهتر ٿيندو، نه ته گاڏي ساڳي طرح هلندي رهندي، ڪمزور فوج وارا ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن، پاڪ فوج جو احترام ڪري اداري جو احترام ڪيو وڃي، ٻوڏ هجي يا آفتون مدد لاءِ رڳو فوج ايندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.