ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ سرڪار ٿڌ جي موسم دوران گيس جي لوڊشيڊنگ ۾ اضافي تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي.
هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گيس جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي ويو آهي، عوام سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته گئس جي لوڊشيڊنگ سبب روزاني زندگي ۽ صنعتي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن، ملڪ جي معاشي مرڪز ڪراچي سميت سموري سنڌ لوڊشيڊنگ برداشت نه ٿي ڪري سگهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گيس جي مسلسل فراهمي جي گهٽتائي عوام ۾ وڏي پيماني تي بي يقيني ۽ مايوسي پيدا ڪري ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت هن مسئلي حل ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻي.
هن چيو ته ٿڌ جي مهينن ۾ وفاقي حڪومت گيس جي بنا رنڊڪ جي فراهمي يقيني بڻائي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وفاقي سرڪار جي ذميواري آهي ته قدرتي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي، وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو آهي ته هو هن معاملي کي ترجيح ڏين…………..
You might also like